پگوڊا

پگوڊا

پگوڊا

پگوڊا (Pagoda): هيءُ تعجب ڏياريندڙ اڏاوت جو نمونو آهي، جيڪو گهڻ ماڙ صورت ۽ هر ماڙ گهڻو ڪري الڳ ڇڄهري سان ۽ مٿي سوڙهي ٿيندڙ عمارت جوڙي ٿو. انهيءَ قسم جون عمارتون چين، جپان، ڪوريا، ويٽنام ۽ ورلي ڪن ٻين هنڌن تي ملن ٿيون. هن اڏاوت کي اڪثر ٻڌمت جي عبادتگاه يا اهڃاڻ طور سڃاتو وڃي ٿو. بنيادي طور ٻڌمت جا عبادتگاهه Stupa ۽ انهــن جــون خانقاهون Monasteries سڏبيون آهن. پگوڊا کي قديم اسٽوپا جي ارتقائي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو. خود اسٽوپا جون به ايشيا ۽ ڪن ٻين علائقن ۾ جدا صورتون ۽ جوڙجڪ جا نمونا آهن. اصل انگريزي لفظ جيڪو اسٽوپا جي هم معنيٰ آهي، سو آهي Tope. انگريزي ٻوليءَ ۾ لفظ ‘Stupa’ 1635-1625ع جي وچ ۾ پورچيوگالي لفظ ‘Pagoda’ يعني ‘Temple’ مان آيو، جيڪو پارسي بتڪدي جي صورت هئي. اسٽوپا جي شروعات 3 صدي ق. م ڌاري ٿــي ۽ ان جــي صورت گنبذ نما اڏاوت جهڙي هئي. ان ۾ پوءِ ٻيا بـه ڪــي حــصـا/ انـگ شامل ڪيا ويا. مهاتما ٻڌ سان لاڳاپيل نوادرات مڃتا لاءِ محفوظ ڪيا ويا ۽ اسٽوپا هندستان ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي مـخـصـوص اڏاوت جــي صورت ۾ ٺهڻ لڳو. چيو وڃي ٿو ته ‘Pagoda’ جو اصل استعمال ٻڌمت جي مذهبي لکتن وغيره کي محفوظ ڪرڻ هو. انهيءَ استعمال لاءِ ٻڌمت جا جيڪي پرچارڪ هئا، انهن تاڪيد ڪيو. اهڙيءَ ريت ٻڌمت جون نوادرات محفوظ ڪرڻ لاءِ هي اڏاوتون عام ٿيون. هنن اڏاوتن تي مختلف قسم جي چٽسالي، اُڪر ۽ گهڙت وغيره جي نمونن مختلف مصوري ۽ فنن کي جنم ڏنو. اهي نمونا چين، هندستان ۽ ٻين ملڪن مان نڪري آس پاس تائين پهتا. هن ۾ منزلن يا ماڙين جو تعداد مقرر ڪونه هو. بعضي اهي عجيب ۽ گهڻ خرچا ڀاسندا آهن. پگوڊا پنهنجي اوچائيءَ جي ڪري کنوَڻ کي ڇِڪي ٿو، ان مان اهو خيال ورتو وڃي ٿو ته گويا هن ۾ روشني ۽ روحانيت داخل ٿئي ٿي. ڪن عمارتن جي چوٽيءَ تي اوچيون نيلون لڳل ٿين ٿيون، جيڪي هڪ طرف ٻڌمت جي ڪن پوڄيل يا پسند ڪيل نوادرات يا نشانيون، فن جي روپ ۾ استعمال ڪيون ويون. مثال ڪنول گل جهڙو نقش اسٽوپا جي نيل ۾ جنهن جو ٻيو ڪم اهو به هو ته پنهنجي ڊگهي ڳني سان کنوَڻ کي نقصان ڪرڻ کان روڪي. اهڙيءَ ريت کنوَڻ جي روشنيءَ کي سمائڻ ۽ وڌيڪ نقصان ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪم ۽ خوبصورتي وڌائڻ لاءِ نيلون به شامل ڪيون ويون. قديم Pagoda ڪاٺ جا ٺهيل ٻڌايا وڃن ٿا. ان ۾ پوءِ آهستي آهستي اها سامگري استعمال ٿي، جيڪا مضبوط به هئي ته گهڻين آفتن کان محفوظ به هئي.


لفظ پگوڊاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو