ڦاڙهو

ڦاڙهو

ڦاڙهو

ڦاڙهو: هن جانور جو انگريزيءَ ۾ نالو هاگ ڊيئر (Hog Deer) ۽ سائنسي نالو ايڪسز پورسينس (Axis porcinus) آهي. ڦاڙهي کي سنڌيءَ ۾ ’سامبر‘ به ڪوٺيو وڃي ٿو. ڦاڙهي جو قد 44 کان 46 انچ ڊگهو ٿيندو آهي، جڏهن ته مُنڍي کان پڇ تائين جي ڊيگهه 6 فٽ هوندي آهي. ڦاڙهي کي انگريزيءَ ۾ هاگ ڊيئر (Hog deer) ان ڪري به چئبو آهي، جو مرونءَ جيان جهنگ ۾ پنھنجي منڍي هيٺ ڪري ڪرونڊڙو ٿي رڪاوٽون پار ڪندي ڊوڙي ٿو ، جڏهن ته هرڻ جا ٻيا قسم اُهي رڪاوٽون اورانگهيندا آهن. خطري ۾ هجڻ دؤران سيٽيءَ جِھڙو آواز ڪڍي ٿو يا ڦشڪاري ٿو. سٺيءَ طرح سان تري سگهي ٿو. هي رات جو ٻاهر نڪرندڙ جانور آهي. بنا هٻڪ جي پاڻيءَ ۾ لھي، سنڌو درياءَ وچ ۾ موجود ننڍن ننڍن ٻيٽن تي وڃي ساهي پٽي ٿو .سنڌو ماحولي خطي جي پئي ٻيلي ۾ لڀي ٿو. هن وقت هن جانور جو نسل خطري ۾ آهي ۽ انڊيا يا نيپال جي ڪجهه علائقن کانسواءِ ڦاڙهو اڻ لڀ ٿيندو پيو وڃي. ’انٽر نيشنل يونين فار دي ڪنزرويشن آف نيچر‘ (SUCN) مطابق ڦاڙهو يا سامبر (Swamp deer) سنڌ ۾ هن وقت ناپيد ٿي چڪو آهي. 1992ع کان اڳ ڪچي ۾ ڦاڙهو جام هوندو هو ۽ درياهه ۾ ٻوڏ وقت هنن جا ولر پڪي ۾ نڪري پوندا هئا. هي هرڻ کان وڏو ۽ رنگ ۾ هلڪو ڀورو يا گھرو ناسي ٿيندو آهي. سندس جسم تي چٽ به نمايان هوندا آهن. ڦاڙهي جي مادي نر کان قد بت ۾ هلڪي ٿيندي آهي ۽ کيس نر وانگر وڏا سڱ به نه ٿيندا آهن. نر ڦاڙهي جا وڏا ۽ شاخدار سڱ سندس خاص سڃاڻپ هوندا آهن پر اُهي سڱ بالغ نر کي ئي ٿيندا آهن ۽ انھن ۾ 12 کان 14 يا ڪن ۾ ته 20 تائين به شاخون ٿينديون آهن. اردو ۽ هنديءَ ۾ هن کي ’بارا سنگها‘ سڏيندا آهن. هن جي کل تي نرم وار ٿيندا آهن. هن جا کُر چيريل ۽ سنھا ٿيندا آهن. اڳيون ٽنگون سنھيون ۽ پويون مضبوط ٿينديون اٿس جن جي ذريعي تمام تيز رفتاريءَ سان ڊوڙي سگهي ٿو. ڦاڙهو گهاٽن جهنگلن، ساوڪ وارن ميدانن ۽ پاڻيءَ جي ڀرپاسي وارين جاين تي رهندو آهي. ڦاڙهي ۾ سنگهڻ جي صلاحيت تمام تيز ٿيندي آهي، چوندا آهن ته هي هوا مان ميلن تائين پري کان انسان جي موجودگي محسوس ڪري وٺندو آهي، ان ڪري پراڻا خفتي ڦاڙهي جو شڪار ڪرڻ لاءِ هميشه هوا جي مخالف رخ ۾ اڳتي وڌن ٿا. ڦاڙها 10 کان 20 تائين ولر جي صورت ۾ گڏ رهندا آهن پر هر ولر ۾ مادين جو تعداد نرن جي مقابلي ۾ ٻيڻو ٽيڻو ٿيندو آهي. ڦاڙهي ۾ نسلي واڌ ويجهه جي مند سياري ۾ ٿيندي آهي. هن مند ۾ نر پنھنجي مستيءَ ۾ اچي هڪٻئي سان مقابلا ڪري پنھنجا سڱ ڀڃائي ويھندا آهن، جيڪي وري ٻيھر ڦٽي پوندا آهن. مادي لڳ جي 8 مھينن کان پوءِ هڪ يا ورلي ٻه ٻچا ڄڻيندي آهي. موئن جي دڙي جي باقيات مان پڻ ڦاڙهي جا سڱ مليا آهن. ڦاڙهي جي طبعي عمر 20 کان 30 سال ٿيندي آهي.


لفظ ڦاڙهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو