داخلا نمبر 169
عنوان باغ
شاخ ڌرتي
پڙهيو ويو 2071 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
کجين جي هڪ باغ جو منطر

کجين جي هڪ باغ جو منطر

باغ ۾ نارنگين جا وڻ (نارنگيون)

باغ ۾ نارنگين جا وڻ (نارنگيون)

هڪ خوبصورت باغ جو منظر

هڪ خوبصورت باغ جو منظر

باغ

باغ: اهو زمين جو ٽڪرُ، جنهن تي ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي جمالياتي ذوق مطابق وڻ، ٻوٽا ۽ ساوڪ پوکي سينگاريو هجي. ننڍي باغ کي ”باغيچو“ چوندا آهن. اها زمين، جنهن ۾ ميون وارا گهڻا وڻ ۽ گل ٻوٽا پوکيل هجن، اُن کي گلزار ۽ چمن جي نالن سان به سڏيندا آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي، فارسي ۽ هندي ٻولين جا ڪيترائي نالا آهن، جيڪي سڄي باغ يا باغ جي ڪنهن به حصي جي ترجماني ڪندڙ آهن، جيئن: ’چمن‘، ’گلزار‘، ’مرغزار‘، ’گلستان‘، ’بوستان‘، ’روضه‘، ’جنت‘، ’فردوس‘ ۽ ’حديقہ‘. ’چمن‘ باغ جي انهيءَ مرڪزي حصي کي چوندا آهن، جتي ويهڻ جو انتظام هجي، ڇٻر يا ساوڪ سان سڌا ٻارا ٺاهي، پاسن کان گل ڦل پوکيل هجن. ’گلزار‘ اهو هنڌ، جتي قدرتي طرح پاڻمرادو گل ڦل ڦُٽا هجن يا پنهنجي ڪوشش سان گل پوکجن. ’مرغزار‘ قدرتي چراگاهه ۽ وِيءَ، جتي ساوڪ هجي. ’گلستان‘، جنهن هنڌ گل پوکيل هجن. هن کي ’بوستان‘ به چئبو. ’بوستان‘، هيءُ عربي لفظ ”بُستان“ آهي، جنهن کي ’حديقه‘ جو مترادف قرار ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ عام استعمال ۾ وسيع معنيٰ رکي ٿو. باغ کي به بوستان جي بدران استعمال ڪندا آهن. ’جنت‘ لفظ جو مادو ’”جِن“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڍڪڻ، پهرڻ (پوش). ’جنتان باغ کي چوندا آهن، جنهن جي وڻن زمين کي ڍڪي ڇڏيو هجي. انهن گهاٽن وڻن کي به ’جنت‘ سڏيندا آهن، جن زمين کي ڍڪي ڇڏيو هجي. ’فردوس‘ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي باغ، بستان، سرسبز وادي، روضو. ’الزجاج‘ جي لکڻ موجب فردوس اُها جاءِ آهي، جتي اُهي سڀ شيون جمع هجن، جيڪي بُستانن ۾ ٿينديون آهن. خاص ڪري انگورن جي باغ کي به ’فردوس‘ چيو وڃي ٿو. ’حديقه‘ ميويدار وڻن واري هنڌ کي چئبو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته حديقه اهو وڻن وارو باغ آهي، جنهن جي چؤڦير ڀت آيل هجي. خصوصاً انگورن ۽ کجور جي باغ کي حديقه چوندا آهن. ٻني ٻاري جي معنيٰ ۾ به حديقه استعمال ڪندا آهن.
باغن جو سلسلو قديم زماني کان هلندو اچي ۽ انساني تهذيب ۾ باغن کي هميشه اهميت حاصل رهي آهي. آدم جي ظهور سان گڏ اسان کي باغ جو ذڪر ملي ٿو: وَ قُلْنَا يٰٓا آدَمُ اسْکُنْ اَنْتَ وَ زَوْجُكَ الْجَنَّةَ وَكُلَا مِنْهَا رَغَدًا حَيْثُ شِئْتُمَا (البقره) ۽ پڻ ڏسو ڪتاب ”پيدائش-2“ جتي لکيل آهي ”۽ خداوند خُدا عدن ۾ يورپ ڏانهن هڪڙو باغ لڳايو ۽ آدم کي، جنهن کي هن ٺاهيو هو، اُتي رکيو... ۽ عدن مان هڪ ندي باغ کي آباد ڪرڻ لاءِ نڪتي“. دنيا جي قديم ترين باغن جي وجود جو ثبوت اسان کي مصر ۽ چين ۾ ملي ٿو. مصر جي هڪ ديوار تي باغ جو نقشو واضح آهي، جنهن ۾ حوض به آهي، جنهن ۾ بدڪن، ٻين آبي جانورن، ولين ۽ ٻوٽن جا نقش نگار چٽا ڏنل آهن. انهيءَ حوض جي چؤگرد ميويدار وڻ ۽ گلن وارا ٻوٽا به ترتيب سان نقش ٿيل آهن. چين ۾ باغ عام طرح قدرتي پيداوار آهن، جن جو نقشو چيني مصوريءَ جي نموني ۾ ملي ٿو. چين جي باغن، جاپانين کي به متاثر ڪيو. جڏهن اسين يونان جي باغن تي نظر وجهون ٿا ته سڪندر جي زماني ۾ به اُتي باغن جو وسيع سلسلو نظر اچي ٿو. رومن قوم به (اٽليءَ ۾) يوناني باغن جي طرز تي باغن کي ترقي وٺائي.
اسلامي دور ۾ به مسلمانن باغات کي گهڻي ترقي وٺائي، جو اهي قرآني جنت جي تصور کان متاثر هئا. اڪثر آيتن جو مفهوم آهي ته: نيڪ اعمالن جي جزا جنت جي شڪل ۾ ملندي آهي، اها نجات ۽ امن جي جڳهه آهي، ان جا پاسبان دعا ۽ سلامن سان جنت ۾ ايندڙن جو استعمال ڪندا آهن. ڪافور ۽ زنجيل مليل چشما، وهندڙ نهرون، وڻڪار واريون واديون، شاهاڻا شان شوڪت، قيمتي وڳا، اعليٰ زيور، موتين وانگر پکڙيل سهڻا ٻارڙا، سون ۽ قيمتي جواهرات جا جڙادار اُچا تخت، قطارن ۾ صندلن تي سينگاريل گاديلا، باغن ۾ طبقا ۽ ڏاڪا، باغ ۾ وڃڻ لاءِ بيشمار دروازا، بي انتها وسعتون، دعوتن جو اهتمام، سون چانديءَ ۽ جواهرات جا محلات، والدين، زال ۽ اولاد جي صحبت، محبت ۽ مسرت ۾ هڪٻئي سان جُهڪيل خوش گفتاري. مطلب ته جنت ۽ باغ جي لفظ سان جنسي ۽ روحاني، ٻنهي قسمن جي نعمتن سان ڀرپور خوشيءَ واري زندگي مراد آهي، جنهن ۾ نه ڏک آهي نه ڏاکڙو ۽ نه خوف آهي، نه خطرو، جتي هر قسم جون خوشيون ۽ نعمتون ڪثرت سان موجود آهن ۽ هر تمنا پوري ٿيندي آهي. قرآن شريف جي جنت واري باغ جي تصور سان، مسلمان حڪمرانن پنهنجي پنهنجي دور ۾ باغات کي بارونق بنائڻ ۾ خاص ڌيان ڏنو. وچ مشرق، مشرق ۽ يورپ ۾ مسلمانن جي باغبانيءَ جي شوق جي سلسلي جا ڪيترائي ڪارناما تاريخ جي زينت بڻيل آهن.
سنڌ پرڳڻو، قديم تهذيب جو مرڪز رهيو آهي ۽ سنڌو درياهه، سنڌ لاءِ قدرت جو تحفو آهي. هتي نهرون، واهه، ڪڙيا ۽ ڪسيون جام آهن، تنهنڪري سڄو ملڪ ڄڻ ته باغ مثل آهي. هر هنڌ وڻڪار آهي. ساوڪ ۽ سبزي جو انت نه آهي. اسلام جي فتوحات وقت به سکر، بکر، سيوهڻ، منصوره ۽ ديبل ڄڻ ته گلزار بڻيل هئا. عربن جي فتح کان پوءِ جيڪي سياح سنڌ ۾ آيا، تن سنڌ جي سرسبزيءَ، خوشحاليءَ ۽ امن امان متعلق ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن، ويندي ٽالپر اميرن جي دور تائين سنڌ کي جنت نشان بنائڻ ۾ مسلمانن جو وڏو هٿ رهيو آهي. سنڌ، سمن جي دور ۾ باغات کان مشهور هئي، ايتري قدر جو ماتليءَ واروسڄو تعلقو ’فتح باغ‘ جي نالي سان مشهور هو. ان کان سواءِ گهڻيون ديهون ۽ ڳوٺ اڃا به ”باغ“ جي نالي سان مشهور آهن. جيئن ’ٻاروچو باغ‘ ۽ ’باغ يوسف‘ وغيره. انگريزن جي دور ۾ جڏهن مسلمانن کان زمينون ۽ جاگيرون کسي اُنهن کي سمورن معاشي وسيلن کان محروم ڪيو ويو، تڏهن هندو سيٺين به ڪن شهرن ۾ انگريزن جي مدد سان پنهنجن نالن سان باغ باغيچا ٺهرايا. جهڙوڪ: ’مکي باغ‘ ۽ ’ڍولڻداس جو باغ‘، تجر باغ وغيره. انگريزن پنهنجي دور ۾، سرڪاري (ميونسپل جي طرفان) خرچ تي هر هنڌ باغ ٺهرايا. ڪراچيءَ ۾ ’گانڌي گارڊن‘، ’جمشيد نسروانجي باغ‘، ’کوڙي گارڊن‘ ۽ ’رام باغ‘ وغيره. حيدرآباد شهر ۾ انگريزن جي دور جا هيٺان سرڪاري باغ موجود آهن: ’داس گارڊن‘ جيڪو موهنداس ڪرمچند گانڌيءَ جي نالي سان مشهور آهي. ٻيو ’راڻيءَ وارو باغ‘ جيڪو راڻي وڪٽوريا جي نالي تي ميونسپل جي خرچ تي قائم ڪيو ويو.
سنڌ ۾ عام روايت آهي ته هن ڪائنات جو پهريون انسان حضرت آدم عليه السلام هو، جيڪو جنت مان تڙيو ويو ته سندس نزول واديءِ سنڌ ۾ ٿيو. هڪ ٻيءَ روايت موجب آدم، سلون (سرانديپ) ۾ ”جبل آدم“ تي لٿو، هن واري روايت جي تصديق طور چيو وڃي ٿو ته ڪڇ واري علائقي ۾ حضرت آدم جي ٻني، اڃا موجود آهي، جيڪا ڏاڏي آدم جي ٻنيءَ جي نالي سان مشهور آهي.


لفظ باغ هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
بابر بادشاهه
بابل
باغ
باغ (ديهه)
باغ آئينه
باغ ارم
باغائي سيد
باغبان
باغبان (ديهه)
باغباني
باغ پئي
باغ جو پتڻ
باغ دلڪشا
باغ شرڌانند
باغ علي شاهه
باغ فدڪ
باغ فردوس
باغ محمد بيشڪ جوکيو
باگو فقير
باغ ۽ باغباني
باغياري
باغي حليم
باغي ڍوري وارو دڙو
باغي منڊل ڪراچي
آتش پرستي
آتش نمرود
بالاچ گرگيج
ٻاٻاڻي ڪيرت
بچو بادشاهه
بخشل باغي
بدر قريشي
ٻاٻيهو (پکي)
ٻار گلن جا هار
ٻاروچو باغ
بدين
ٻاويھين سنڌ ادبي ڪانفرنس
ٻٻرلوءِ
ٻڌمت
ازبڪستان
اسان جي سنڌ
ٻليءَ جو اسڪول
ٻنگار (شهر)
ٻوٽا
استاد شفيع فقير
ٻوکي (ديهه 2)
ٻوڻ
ٻوهڪي
اسفند يار ولي
اسڪاٽش چرچ ينٽ ائنڊريوز چرچ
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
ٻير
ٻيلا
اسماعيل راهو
اصلاح المسلمين
الحَمرا
السي
اباسين
ابت ڪنڊڙي
برڪت علي خان
برنس گارڊن
الهداد زرداري
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو علامه علي خان
امپريس مارڪيٽ
امرتراءِ سام جئسنگهاڻي
اتا ترڪ ڪمال
آدم عليه السلام
انب
اجمير
آرائين (ذات)
احسن حافظ محمد چنا
آزاد منزل
احمد شيخ
احمد نگر
بغاوت
انجير
آرام باغ
آريسر واھي فقير
آزاد حنيف
اڏامندڙ ٿالهيون
اهر
انور پيرزادو
اياز شيخ مبارڪ علي
ايم ڪيو ايم
ايران
ايوب خان
آصف علي زرداري
آصفه ڀٽو زرداري
بهاولپور
بهاءُ الدين ذڪريا
بينظير ڀٽو شهيد
بهشت
بهلول لوڌي
بلبل
بيت
بيوس ڪشنچند
بيت المقدس
بلوچ سرور
بنگلو
بيد مشڪ
بيرم خان
آل انڊيا مسلم ليگ
بوبنا جراڙ
بوستان
اوج علوي
بوهري2
امان الله شيخ
ادريس راجپوت
ارون ڌتي راءِ
اسٽالن
انڍڙ عبدالقادر
ابرار قاضي
ابل واهه
البرٽ ڪامئو
الهندو نارو واهه
امام بري
باغ علي خان خائف
ائنا اخمتووا
آگاڻي ملڪ
بن بلا/بن باالله
بابو پليجو
باغي
باغي شاعر شيخ اياز
بي بي غوث جيجان
اڪبر آشرم لاڙڪاڻو
اختر اديب
امر تسر
الياس ٿري
انڊس فلوٽيلا
انڙ علي نواز
تلسين جي سرهاڻ
ڀارواڻي وشنداس
لورا
ڀٽ شاھه
تنقيد
ڀٽو آمنه بيگم
ڀٽي رشيد
ٺوڙهه
ٺيڙهي
ڀِڙو
ڀڳت ٽيئون رام
ثقفي حجاج بن يوسف
ڀڳت روپچند
ڀڳت سنتو داس
ڀڳت سنگهه
ترائيل
ثنائي مشهدي
ٺٽو
ڀڳوان ٻڌ
تروٽ جارج بوٿ ڪرنل
ٺٽوي علامي محمد
ترين الف خان خانبهادر
تڙ خواجا
ڀنڀائي
ڀنڀور
ٽالپر مير سهراب خان
ٽالپر مير عبدالحسين خان سانگي
ٽالپر مير غلام رسول غريب
ٽالپر مير ڪرم علي خان ڪرم
ڀنڙ ڪاٺوڙي
ٽالپرن جو ڪتبخانو
ٽانڪي باغ
ٽپني ٽه- پني
تغلق غياث الدين بلبن
ٽرام
تغلق فيروز شاهه
ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد
تولارام عاجز
ٽکڙائي محمد اسماعيل جان روشن
ڀيلَ
ڀيلاڙو
ٽلٽيءَ وارو مدرسو
ٽنڊوالهيار
ٽنڊو غلام حيدر
ٽنڊو محمد خان
ٽن قبن واري مسجد
تاج جويو
تهران
تاج محل
تحريڪ ترڪ موالات
تحريڪ ريشمي رومال
تيرٿ وسنت
تيل وهيڙو
تذڪره نويسي فارسي در هند و پاڪستان
تارا چند شوقيرام
ٽيڪسيلا
ٿر
ٿر تي ٿڌو چنڊ
ٽيويهين سنڌي ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻو
تاراهه
تاريخ منثور
تخرجه
ٿياسافيڪل سوسائٽي
ٿيوڊر روز ويلٽ
تامل ٽائيگرس
تانتيا ٽوپي
تان سين
پير ڇٽو
پيرزادو عبدالستار
پاٽائي يوسف سنڌ
پاٽ پراڻي
پشاور
پاپلَر
پير عالي
پير گاجي شاهه1
پير ڳڻيي واري ڍنڍ
جلال شاهه
جلال ڪوري
جلال کٽي
جليانوالا باغ واقعو
جاگيرداري نظام
جاڳو
جامعه غوثيه رضويه
جاڻ
جائلس لائبرري لاڙڪاڻو
جبل زيتون
جتوئي عبدالحميد خان
جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر
جتوئي مظهر علي ڪامريڊ
جتوئي مولوي نذير حسين جلالي
جريڪو
پاڪ فقير
جسڪاڻي محمد مٺل
جسونت سنگهه ۽ جئسنگهه
پاڻي ڪتاب
جڳتياڻي لالچند امرڏنو مل
پائين باغ
پٻ جبل
پتڻ تڳر
پٽ پيرون
پٽڻ جو دڙو
جناح قائداعظم محمد علي
جنت
جنگ جمل
جـُنگشاهي
جواهر لعل نهرو
جوڌپور
ڄام صلاح الدين سمو
ڄام علي شير سمو
ڄام ’فيروزالدين‘ انڙ
ڄام محمد ايوب عالياڻي
ڄاموٽ سيد حاجي جلال شاهه
ڄاموٽ، شفقت حسين شاهه
جهرڪ2 (شهر)
جهلاوان
جهمپير
جھُن
جھنگل ملڪ (ديهه)
جھنگلي وليون
جهونا ڳڙهه:
چاچڙ عبدالوهاب مفتي
چارڻ، سُمنگ
چاڪر هالا سب ڊويزن
چانڊيا 1
چانڊيو، باگو
چانڊيو، سريمڻ
چانڊيو، غلام قادر
چٻرو
چٽگانگ
چِچِي
چراغان ميلو
چشتي خواجه معين الدين
چـشما لعل شهباز جا
چِليا
چمڙو3
چمن2
چنا، عبدالله
چنبيلي
چندر (ماسٽر چندر)
چَند فقير
چوڏول
چُونگها
ڇٻر
ڇتل سرهيو
ڇو ۽ ڇا
حاتم علوي
حافظ شيرازي
حالاتِ اولياء
حب ڊئم
حبيب جالب
حُر تحريڪ
حُرن جو ڪوٽ
حسن ابدال
حسن باغبان جو مقبرو
حسين بخش ناريجو
حسين ٻيلي 2
حسين هارون
حشو ڪيولراماڻي
حفيظ قريشي1
حمد
حنيف ساگر بڙدي
حواري
حيدرآباد
حيدرآباد جو اڳيون اوج
حيوانن جي حقن جي تحريڪ
خاصخيلي، ذوالفقار علي
خالد محمود سومرو، ڊاڪٽر
خانواهڻ
خٽڪ
خدا آباد 2
خدا آباد 3
خدا آباد جو قلعو
خسرو بيگ مرزا
خلجي، جلال الدين فيروز
خلفاءِ راشدين 1
خليل جبران
خيرپور 1
دادو ديال
دادو ڪئنال
دارا-I
داستان
دائودپوٽو، صادق محمد عباسي اول
دجال
درد جو دريا 2
درد جي ساڳي ڪٿا
درگاهه صوفي وريل فقير ابڙو
درگاهه مخدوم هنڱورو
دروڻاچاريه
هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

باغ - مان نڪتل ٻيون شاخون-

ٽانڪي باغ

ڌرتي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آبھوا
باغ
اتر
اتر قطب
اپٻيٽ
انود ڪاسائيءَ جي کڏ
ايڪڙ
بيابان
ڀارت ورش
توران
ڌرتي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون