داخلا نمبر 7348
عنوان جتوئي
شاخ قبيلا ۽ ذاتيون
پڙهيو ويو 364 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جتوئي

جتوئي1: جتوئي قبيلي جي حسبي ۽ نسلي سلسلي بابت ڪافي روايتون ملن ٿيون، جن مان ڪجهه هن طرح آهن:

جتوئي، مير جتوئيءَ جو اولاد آهن، سندن ڏاڏو (نانو) مير جلال خان بلوچ هو. مير جلال خان بلوچ کي ڇهه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ’جتو‘ هئي. جتو جو مڙس اولاد ڄمڻ کان اڳ وفات ڪري ويو هو. جنهن جي افسوس ۾ مائي ’جتو‘ پاڻ پٿر (تڏو) ڪيو هو. چند مهينن بعد هن کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو هن پنهنجي نالي جي نسبت سان ’جتوئي‘ نالو رکيو. جنهن کي ’مير جتوئي‘ چيو ويو.

ڪتاب ’قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو‘ ۾ مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته نوس بن هرين جي هڪ پٽ جو نالو مير مراد خان هو. جنهن کي پهرين زال مان اولاد ڪونه هو. اولاد خاطر هن پنهنجي سوٽ جتوءَ سان نڪاح ڪيو. هن کي پٽ ڄائو، جنهن جو اولاد ’جتوئي‘ آهن. ايس. صادق علي پڻ هن راءِ سان متفق آهي.

هڪ روايت موجب جتوئي، جت آهن. مير چاڪر خان جو جنگي سامان کڻندا هئا ۽ بيرق بردار هئا. فرمانبرداري، ايمانداري، وفاداري ۽ شجاعت سبب مير چاڪر خان، جتوئين کي پنهنجي جھنڊي هيٺان آڻي بلوچ قوم ۾ شامل ڪيو. ان ڏينهن کان پوءِ جتوئي جتن بجاءِ ’جتوئي‘ سڏجن ٿا.

ڪتاب ’بلوچ اور بلوچستان‘ (ص 130) موجب ’جتوئي‘ ساتڪ زئي قبيلي جو پاڙو آهي. جتوئي قبيلي جو اصل وطن ڪڇيءَ ۾ ڀنر جتوئي رياست هئي. زماني جي لاهن چاڙهن سبب اتان هجرت ڪري پنجاب جي سرائي پٽيءَ کان ٿيندا بکر کان سنڌ ۾ داخل ٿيا. سرائي پٽيءَ ۾ رهڻ ڪري هنن سرائڪي زبان اختيار ڪئي. جنهنڪري اڄ ڏينهن تائين بلوچيءَ جي بجاءِ سرائڪي ڳالهائين ٿا. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو هنن ساٿ ڏنو. جنهن سبب کين جاگيرون عطا ڪيون ويون. 1857ع ۾ سردار امام بخش خان جتوئيءَ کي نوشهري ۽ دادوءَ جي علائقن ۾ انگريزن جاگير ڏني. جنهن بعد فتح خان جتوئي شڪارپور وارو، جتوئي قبيلي جو سردار مقرر ٿيو.

هنن لاءِ ٻي روايت هيءَ به آهي ته سترهين صدي عيسويءَ ۾ سکر سرڪار جي پرڳڻن مان هڪ پرڳڻو ’جتوئي پرڳڻو‘ مشهور هو. هن پرڳڻي ۾ جتوئي، بڙدي، ڪورائي قبيلا آباد هئا، جيڪي سڀئي بلوچ نسل جا هئا. شاهه بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهه وقت سندن ٻائيتاليهه ڳوٺ تباهه ڪري ڇڏيا هئا.

هڪ صدي اڳ سنڌ ۾ جتوئين جو سردار فتح خان جتوئي هو، جيڪو تعلقي شڪارپور جي ڳوٺ نيپئر آباد ۾ رهندو هو. جتوئين جا پاڙا هي آهن: جتوئي، عارباڻي، بُلا، بڊاڻي، بارگاڻي، برهماڻي، ڀرڳڙي، ڏياڻي، جانب، گاڏهي، گشڪوري، هاليلاڻي، هيسباڻي، تڙت، حسناڻي، ڪوش، کيرا، خشڪ، کروس، ڪرسي، کودا، مزاراڻي، نوچاڻي، نوتڪاڻي، اتيرا، شاهداڻي ۽ شر. ڪن روايتن موجب سُندراڻي، حاجيجا ۽ زنگيجا به جتوئين جا پاڙا آهن.

جتوئي قبيلي مان سياسي ميدان تي مرحوم غلام رسول خان جتوئي، رئيس غلام مصطفيٰ خان، عبدالحميد خان، لياقت علي جتوئي، ابراهيم جتوئي سميت ڪيترين ئي شخصيتن کي شهرت حاصل رهي آهي.



لفظ جتوئي هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
بادل (رسالو)
بادل واهه
باعيد سانگي
باغ پئي
باقراڻي
ٻاٻاڻي ڪيرت
ٻاٺو (ڳوٺ)
بجاراڻي هزار خان
بخاري جمال الدين
بختاور شهيد
بخش علي جتوئي
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
ٻيٽو
ٻيٽو جتوئي
اسلامي جمهوري اتحاد
ٻيلا
اسماعيل راهو
اعجاز علي خان جتوئي
الک
الهندو نارو
بروهي جان محمد
آخري سبق
امام بخش سومرو حافظ
امام بخش صابر
ابڙو محمد سليمان سليم
امداد جتوئي
آخوند ھدايت الله پريم ڊاڪٽر
امير حيدر شاهه
امين فهيم مخدوم
اپر نورواهه
بقا آباد
بقاپور
اخلاق حسنه
انڍڙ رفيق احمد
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
بکر
بکراڻي
بکر شيدي
بکيجاڻي
ادريس جتوئي
آزاد انور ڪانڌڙو
آزاديءِ قوم
ايم آر ڊي
بلا (ذات)
بيگن جروار
بينظير ڀٽو شهيد
بهرام فقير جتوئي
بلوچ
بلوچ تاج
آفتاب شاهه جيلاني
بلوچي ادب
بيگاري بند
بهارستان جتوئي
آديسي اٿي ويا
آسودارام ، سَنت
انڍڙ عبدالقادر
الهداد راهو
اخبار تعليم
امداد علي اوڍو
آخري گهڙيون عظيم انسانن جي زندگيءَ جون
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ
ابو شوڪت حمزو
ارباب ڇڄڙو
اسان ڇو مسلمان ٿياسين؟
امروٽي انسائيڪلوپيڊيا
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انور الدين جتوئي
ڀاڳو ڀانُ
ڀٽو علي محمد
ڀٽي رشيد
ڀچان
ٺلاهه
ٺوڙها
ڀرڳڙي عبدالغفور
ثناءُ الله ثنائي
تڙت
ڀنگي ڪلهوڙو
ٽريمون
ٽڳ
ٽنڊو بهاول سانحو
تونگ 4
تحريڪ مهدوي
تاج محمد رضائي
تحفه سنڌ
تاجو سامٽيو
تاجو ليکي
تيرٿ وسنت
تاريخ خاصخيلي2
ٽيڪم آفتاب
ٽيويهين سنڌي ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻو
ٽيهه اکري ۽ مداحون
پيرزادو حاجي محمد
پيرزادو عبدالستار
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پيرل فقير خوشدل ستاري
جلال جکرو
جلال چانڊيو
جلباڻي احمد علي خان
جمال ابڙو ۽ جديد سنڌي ڪهاڻي
جمال الدين مؤمن
جاگيراڻي اعتبار علي
جانڻ چن
جاويد شاهه جيلاني
جُبو1
جتوئي
جتوئي2
جتوئي3
جتوئي4
جتوئي آڍو خان
جتوئي آصف مصطفيٰ
جتوئي ارشاد ساگر
جتوئي اظهر
جتوئيءَ جو مقبرو
جتوئي چاچڙ
جتوئي حيدر بخش ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي
جتوئي ڌڱاڻو
جتوئي شير خان
جتوئي عابد حسين
جتوئي عارف مصطفيٰ
جتوئي عبدالحميد خان
جتوئي عبدالرحمـٰن
جتوئي عبدالرحيم آزاد
جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر
جتوئي علي بخش ڊاڪٽر
جتوئي علي مراد
جتوئي علي نواز حاجن
جتوئي غلام رسول خان
جتوئي غلام رسول عرف عاقب خان
جتوئي غلام رسول مولانا
جتوئي غلام سرور
جتوئي غلام مجتبيٰ خان
جتوئي غلام مرتضيٰ خان
جتوئي غلام مصطفيٰ خان
جـتوئي فتـح علي مولانا
جتوئي گهرام فقير
جتوئي لياقت علي
جتوئي محراب خان
جتوئي محمد ابراهيم
جتوئي محمد يعقوب ڪامريڊ
جتوئي مسرور احمد خان
جتوئي مصطفيٰ حيدر
جتوئي مظهر علي ڪامريڊ
جتوئي مولوي نذير حسين جلالي
جتوئي نظام الدين
جتوئي وحيد
پاڪستان پيپلز پارٽي
جروار عزيز الله ڪامريڊ
جسڪاڻي
جمالي رفيق احمد
پتڻ خيرو ديرو
پـٿـر سـنڌي
پٽڪو
جمهوريت
جنين ڏاند نه ٻج
ڄام صادق علي (سـيـاسـتدان )
ڄام ڪرارالدين
جُهڏو 2 (شهر)
جھُن
جهنجيجاڻي (ديهه)
چانڊورام، سَنت
چانڊيو، عبدالحميد
چانڊيو، علي خان
چانڊيو، قيصر خان
چِٺيون چندن واس
چـريو واهـڙ
چڪ چانڊيو
چـنـا 2
چندر سنگهه، راڻو
چوٿين مارچ جو واقعو
چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم2
ڇٽو لوءِ
ڇٽو مهيسر
حاجي عبدالرحيم لغاري
حاجي نجم الدين سريوال
حافظ محمد بخش خاصخيلي
حبيب جالب
حبيب ڪوٽ 1
حسين حقاني
حڪايات خلفاءِ راشدين
حليم لکيو
حيدر منزل ڪراچي
خاصا چانڊيا
خالد سنڌي
خدا آباد 3
خدا بخش خان ٽالپر ضياء
خُشڪ
خواجه خيرالدين
خير واهه5
داد 39
دادو 1
دادو ڪئنال
دربو
درس 3
درشن هيٺيون
دريا پنٿي
دريا خان کوسو
دلچند
دلمراد جمالي
دلو شاهه
هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

قبيلا ۽ ذاتيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باٺا
باپراڻي
باجاري
باجائِي
باجر
باجڪاڻي
باڇڪاڻي
باخلاڻي
بادا
بادِيا2
قبيلا ۽ ذاتيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون