شاستر

شاستر (Shastra): سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ شاستر جو مطلب آهي ‘ڄاڻ/ اصول’، جنهن ذريعي خاص قسم جي علمن کي سمجهايو وڃي. شاستر جو استعمال پڇاڙيءَ (Suffix) طور به ڪيو ويندو آهي، جهڙي طرح انگريزيءَ ۾ بائيولاجي (Biology) يا سائيڪالاجي
(Psychology) وغيره ۾ پڇاڙيءَ طور لاطيني لفظ Logos مان Logy يعني علم ورتل آهي. اهڙيءَ ريت شاستر جو لفظ پڻ مختلف قسم جا علم پيش ڪري ٿو، جهڙوڪ: بوتيڪا شاستر (علم طبيعات) راسيانا شاستر (علم ڪيميا) وغيره. ‘شاستر’ اڄوڪي انگريزي لفظ ‘سائنس’ طور استعمال ٿيندو هو، جو شاسترن ۾ ان دور جي سائنس جي اپٽار هوندي هئي.
شاستر لفظ ٻين معنائن ۾ پڻ ڪتب آندو ويو. خاص طرح قديم لکتن ۽ الهامي ڪتابن: انجيل، زبور ۽ توريت وغيره جي شرح کي سنسڪرت ۾ ’شاستر‘ چئجي ٿو. ٻُڌمت ۾ ’شاستر‘ کي قديم لکتن کي پوءِ واري دور ۾ آسانيءَ سان سمجهائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر يوتانگلن (Yutanglin) موجب ”مون پاران ٻـُڌ جي ڳالهين کي لکڻ يا چوڻ کي ’سوترا‘ نه بلڪه ’شاستر‘ چئبو.“ هندو ڌرم ۾ ڪيترائي اهڙا شاستر آهن، جيڪي خاص قسم جي سوچ ۽ ڄاڻ کي مخصوص نموني ظاهر ڪن ٿا. ڪن جاين تي ’سوترا‘ لفظ به استعمال ٿيل آهي. ٿلهي ليکي ’سوترا‘ جو مطلب ’منجهيل سـُٽ‘ آهي. هي لفظ هندو ڌرم جي قديم يا ڌرمي لکتن/ڪتابن لاءِ مخصوص آهي. سنسڪرت ۾ ڪيترائي ’شاستر‘ لکيا ويا، جن مان ڪن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) ويمانيڪا شاستر: رشي ڀردواج جو لکيل پراڻين اُڏامندڙ مشينن بابت ڪتاب.
(2) ڌرم شاستر (Dharma Shastra): چون ٿا ته هي ويدن جو حصو آهي، جنهن ۾ هندو ڌرم جا اصول لکيل آهن.
(3) ڪاما شاستر (Kama Sutra): پيار، محبت جي جذبن ۽ جنسي ميلاپ بابت ڪتاب.
(4) يوگا وشسٽا شاستر (Yoga Vasistha): والميڪيءَ (Valmiki) جو لکيل- هندن جو روحاني ڪتاب.
(5) شاستر '>ارٿ شاستر (Artha Shastra): حڪومتي وهنوار ۽ فوجي حڪمت تي ڪوٽليه جو لکيل ڪتاب.
(6) مهايانا سوترا (Mahayana Sutra): ٻڌمت بابت چينين جون گڏ ڪيل ڳالهيون.
(7) سموندريڪا شاستر (Samundrik Shastra): بدن بابت ڄاڻ، جنهن ۾ چهري شناسي، هٿ ڏسڻ جا علم وغيره اچي ٿا وڃن.
(8) درشن شاستر: هن کي فلسفي جا ڇهه نمونا به چوندا آهن. جنهن ۾ هيٺيان ڪتاب اچي وڃن ٿا: پورب ممانسا (جيمني)، نوايا (گوتم)، وشيشڪ (ڪنڙ) سانکيه (ڀڳوان ڪپل)، يوگ (پتنجلي)، اتر ممانسا (برهم سوترا). هي ڇهه ئي شاستر، سوترن واري انداز ۾ لکيل آهن.
(9) نٽيه شاستر (Natya Shastra): ناٽڪ، موسيقي ۽ ناچ بابت سنسڪرت ۾ ڀرت منيءَ (Bharata Muni) جا لکيل ڪتاب.
(10) شلپا شاستر (Iconography): ڪلا، هنر ۽ مجسمي سازيءَ جي علم بابت ڪتاب.
(11) وستَو شاستر (Vastu Shastra): عمارتسازيءَ بابت علم جو ڪتاب.
(12) نيتي شاستر (Neeti Shastra): علم سياست بابت ڪتاب، وغيره.
ان کان سواءِ به ڪيترا شاستر لکيل آهن. شاسترن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي 100 عيسويءَ کان 300 عيسويءَ دوران لکيا ويا، جيئن مانوَ ڌرم شاستر لاءِ اندازو آهي ته اهو 800 عيسوي سن ۾ لکيو ويو. ساڳئي دور ۾ وتسيانا ملنگا (Vatsayana Malanga)، جنهن جنس تي مشهور شاستر ‘ڪاماسوترا’ (Kama Shastra) لکيو. جيڪڏهن انهن لکتن جو تاريخي جائزو وٺي کين ڪنهن تاريخي دور جو پابند ڪبو ته اهي لکتون گهڻوڪري موريا ۽ گپتا گهراڻن جي دور ۾ لکيون ويون. انهيءَ دور ۾ سنسڪرت کي ‘خدائي ٻوليءَ’ جو درجو حاصل هو. ساڳئي وقت ۾ سنسڪرت ادبي ۽ سياسي ٻوليءَ جو درجو به رکندي هئي.
شاستر ان وقت جي بياني حقيقي تاريخ به آهي ته روايتن تي ٻڌل قصا ڪهاڻيون به ان وقت جي سياست، هنر، ثقافت، عمارت سازي ۽ ڌرم به آهي ته ماضيءَ جا اولڙا، ڊڄ ڊپ، زور آوريون ۽ مذهبن جي اوسر جا قصا ڪهاڻيون ۽ ديوين ديوتائن جا مافوق الفطرت قصا به ان ۾ شامل آهن. شاسترن ۾ انهن جي ليکڪن طرفان سماج کي حدن ۾ پابند ڪرڻ کان وٺي سياسي ۽ ذاتي زندگيءَ کي سڌي ۽ سنئين رستي تي هلڻ جا به اصول جوڙيا ويا آهن. ان کانسواءِ عمارت سازي، مجسمي سازي، جنسي معاملات، طب، سياست، تاريخ، جاگرافي، حساب ڪتاب، موسيقي ۽ واپار تي به الڳ الڳ ڪتاب جوڙيا ويا ۽ انهن تي وقت جي عالمن وڏا وڏا بحث ڪيا، نه رڳو ايترو، پر موضوعن جو دائرو نسل، ذاتيون، قبيلا وغيره به رهيو ته جيئن نه صرف انساني نسل جي حقيقت سامهون رهي، پر سندن اخلاق تي به ضابطو رکي سگهجي. ان لاءِ انهن شاسترن ۾ تنقيد در تنقيد جو عمل به چٽو نظر اچي ٿو. اهڙي قسم جي شاسترن مان هڪ شاستر ’شلپا شاستر‘ به آهي.
شلپا شاستر: شلپا شاستر جي معنيٰ آهي ’هنرن ۽ ڪاريگرين جي سائنس‘. شلپا قديم زماني ۾ هنرن ۽ ڪاريگرين لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ آهي. هن شاستر ۾ ڪل 64 هنر ۽ ڪاريگريون شامل آهن، جن کي ڪن حالتن ۾ ‘ڪلا ڀايا’ (Bhaya- Kala) چون ٿا، جنهن ۾ اندروني توڙي بيروني ڪاريگريون اچن ٿيون. هن شاستر ۾ واڍڪي هنر، عمارت سازيءَ، سونارڪي هنر، نعل بندي، اداڪاري، نرت ڪلا، موسيقي، طب ۽ شاعري وغيره جا موضوع شامل آهن. هن ۾ ڪي لڪل ڪلائون به اچي وڃن ٿيون، جن ۾ جنسيات بابت علم به شامل آهي. شلپا ۽ وستو شاسترن جو هڪ ٻئي سان گهاٽو سنٻنڌ آهي.
ستيلا ڪارمرش (Stella Karmirsh)، شلپا شاستر تي لکيل پنهنجي ڪتاب Tradition of Indian Craftsman جي هڪ مضمون (جيڪو The Journal of American Folklore ۾ 1958ع‘ ۾ ڇپيو) ۾ لکي ٿي ته، ‘شلپا شاستر’ هُنر، ڪاريگري، مزدوري، فن، صنعتڪاري، ريتن رسمن، نمونن ۽ تخليقڪارين تي مشتمل هڪ شاستر آهي. هن شاستر جو دائرو ثقافت جي سڀني پاسن سان جڙيل آهي، جنهن ۾ مجسمه سازي، ڪنڀارڪو ڪم، عطار، ڪورڪو ڪم، ڦيٿا سازي، ناچ، موسيقي، پيار جو آرٽ ۽ ٻيا ڪيترا هنر شامل آهن. قديم سنسڪرت ۾ مرد هنر مند لاءِ لفظ سلپن (Silpin)، جڏهن ته عورت هنرمند لاءِ سلپني (Silpani) استعمال ٿيندو هو. هن شاستر ۾ 64 هنرن ۽ 32 علمن (Vidyas) بابت ڄاڻ ڏنل آهي. شلپا شاستر کي اگامن (Agamas)، پراڻن (Puranas) ۽ وستو شاستر ۾ بحث هيٺ آندو ويو آهي، جڏهن ته هن جي ليکڪ بابت گمان ظاهر ڪيو ٿو وڃي ته اهو ‘وسو ڪرم’ لکيو آهي. پر ان لاءِ ڪا پڪ ڪانه آهي.
ان دور ۾ سڀ هنر، سڀني لاءِ هئا، ڪنهن به ذات يا جنس وغيره جي پابندي ڪا نه هئي، پر اهو هو ته هڪ خاندان هڪ ئي هنر ۾ مڪمل سکيا وٺي. ان لاءِ هن شاستر ۾ هنرن جي تعليم لاءِ ڪي هدايتون ڏنل آهن. اُن لاءِ چيل آهي ته هنر سيکارڻ واري جو اُن هنر ۾ استاد هجڻ ضروري آهي. هنر جي تعليم ٻاروتڻ کان ڏيڻ گهرجي وغيره. ان لاءِ ضروري آهي ته سکندڙ کي لکڻ پڙهڻ، حساب ڪتاب، جاميٽري، رنگن جو ميلاپ ۽ اوزارن جو درست استعمال سيکاريو وڃي. ان سان گڏ شاگرد جي تربيت ڪئي وڃي ته پنهنجين ٺاهيل شين جو واپار ڪيئن ڪري. اهڙي نموني ڪيترين ئي ڪاريگرين بابت هن شاستر ۾ وضاحتون ۽ هدايتون ڏنل آهن.


لفظ شاسترھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو