داخلا ؛ 4775
پڙهيو ويو ؛ 1501
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-12-05


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ڀٽي

ٽائيٽل ؛ ڀٽي


شاخ : ذات

ڀٽي: -ڀٽي- پنجاب کان سنڌ ۾ لڏي آيل هڪ ذات چئي وڃي ٿي. هن ذات جا ماڻهو هندوستان جي مختلف علائقن ۾ به رهن ٿا. هندوستان واري علائقي حسار ۾ هي ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا برهم ۽ ٻيا راج. برهم، مهاجن قبيلي جا ميراثي آهن، ۽ هنن جي شادين مرادين تي وڄتون ڪندا آهن. هي جڻيو پائين ٿا. سندن روايت ۾ رنڙ زال شادي نه ڪندي آهي. جڏهن ته راج -ڀٽي- ڪجهه زميندار به آهن ته هارپو به ڪن ۽ رڳو جتن جي شادين مرادين ۾ ڳائين وڄائين. -برهمي- -ڀٽي- هندستان ۾ -جتي- ڪٿي ڦهليل آهن. هندستان جي علائقي گُڙگائون ۾ هي راءِ به سڏجن ته ميراثي به. اتي هي چئن پاڙن ۾ ورهايل آهن. (1) برهم راءِ، (2) بيرو راءِ (جيڪي راجپوتن جي نسل مان آهن)، (3) راءِ (هي ماس کائين ۽ شراب به واپرائين) ۽ (4) جگا. اهي ساگا برهم پاڙي جا -ڀٽي- ملتان، ديري غازي خان، ديري اسماعيل خان، ميان والي ۽ بنون ۾ ملن ٿا. سنڌ ۾ به هنن جو وڏو تعداد رهي ٿو. پنجاب ۽ سنڌ ۾ مسلمان -ڀٽي- -آباد- آهن. ملتان جا -ڀٽي- وري چئن پاڙن ۾ ورهايل آهن. 1. چاندي راس، 2 جنگا پمپا، 3. محل ۽ 4. شرڪ. ملتان ۾ هي وتيشار (Vateshar) به سڏجن ٿا.
پنهنجي رسمن موجب هي شادين ۾ دهل دماما وڄائين، سندن زالون راڄ جي موتي فوتي تي -اوسارا- ڪن، جنهن کي سيپا (Saipa) چون، انهن اوسارن جون عورتون مقرر ٿيل پئسا وٺن. نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا مقرر ڏهاڙي تي شادين ۾ سهرا ڳائين ۽ نچن. ڀٽين جو -پاڙو- چنديسار گهڻو تڻو ٻهراڙين ۾ رهي ٿو، جيڪي منگتا آهن. ڪاتيمار به -ڀٽي- ئي آهن، پر هي چنديسارن کان الڳ آهن. ميانوالي ضلعي ۾ -ٿوري- تعداد ۾ رهن ٿا. اتي سندن پاڙا هي آهن. (1) برهمي، (2) کوسلا، (3) ڪاتيمار يا شيني خيل ۽ (4) بادو برهمي، هي شادين مرادين ۾ ڳائين. بادو ذات جا ڀٽي، نسلي مسلمان آهن، اهي خيرات ته وٺن، پر ڳائين وڄائين ڪو نه.
ڪن ڀٽين جو چوڻ آهي ته هو اصل -پشڪرڻا- -برهمڻ- (Pushkarna) نسل جا آهن ته ڪي پاڻ کي سارسوت (Sarsat) سمجهن. پُشڪرڻا ۽ سارسوت برهمڻن ۾ هڪ ئي مرتبي جا آهن. ملتان جي تعلقي شجاع -آباد- ۾ رڳو برهم ۽ ڪاتيار -ڀٽي- رهن ٿا. هتي برهم ڀٽين جا 7 پاڙا آهن. (1) چاندي راس، (2) محل، (3) سرتڪ، (4) چانگر، (5) پلسا، (6) چاندريا ۽ (7) چنا. اهي سڀ پاڻ کي سار سوت برهمڻن جو اولاد سمجهن ٿا. ڪاتيار شجاع -آباد- ۾ سٺا ڪاتب آهن.
هندوستان جي ڪيرالا، پٽيالا ۽ ڪپور ٿلا جي ميداني علائقن ۾ ڀٽين جو وڏو تعداد رهي ٿو. اهي اتي ڪيترين صدين کان رهندا اچن ٿا. سندن هتي به مکيه ٽي پاڙا آهن. (1) سوت (Sut) (جيڪي قصي گو آهن)، (2) مگهد (جيڪي تاريخي ڳالهيون کڻن)، (3) ونديجان (جيڪي راجائن جا صلاحڪار آهن ۽ شاعري به ڪن)، ونديجان جيڪي پٽيالا ۾ گهڻا رهن ٿا. اتي اهي برهم -ڀٽي- يا -برما- رشين سڏجن. اهي جڻيو پائين ۽ برهمڻڪيون رسمون ادا ڪن.
شاهپور وارا -ڀٽي- وري ٻن پاڙن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا بنجابي (Banjabis)، ۽ ٻيا کوکر. بنجابي پنج پاڙا آهن: (1) آيو پوترا، (2) ڍيرو، (3) جنديداس، (4) محل ۽ (5) راءِ پل. اهڙي نموني کوکرن جا به چار پاڙا آهن. (1) سگاڙ (Sigarr)، (2) نڌي پوٽا، (3) -پات- ۽ (4) جين.
سر ڊينزل ابٽسن (Sir Denzil Ibetson) پنهنجي ڪتاب ”A Glossary of the Tribes and Castes of Punjab and N.W.F Province“ جي جلد ٻئي جي صفحي نمبر 99 ۾ لکيو آهي ته: مسلمان -ڀٽي- -ٿوري- تعداد ۾ آهن ۽ اهي منظم به ڪو نه آهن. -اورنگزيب عالمگير- جي دور ۾ اهي ڪجهه ٿانيڪا ٿيا هئا، کين -ان- دور ۾ وزارتون به مليون. شاهپور ۾ مسلمان ڀٽين جا 5 پاڙا آهن. (1) چئورال، (2) پنج، (3) سمٽ، (4) گئو درال ۽ (5) ڪپرال. ڪپرالن لاءِ پڪ آهي ته اهي نج -ڀٽي- آهن جو پنهنجي جاتيءَ کان سواءِ ٻاهران شادي ڪو نه ڪن.
هندستاني ڀٽين جا مختلف صوبن ۾ مختلف ڪم آهن. ڏکڻ -اوڀر- وارن هندوستاني علائقن ۾ هو مذهبي ڏڻن ۾ شموليت ڪو نه ڪن. هي صرف شاديءَ ۾ گهور وٺن. وڏن ماڻهن جي فوتگيءَ ۾ مقرر پئسا وٺي مرتئي ۾ شامل ٿي -اوسارا- ڪن. هندوستان جي الهندي وارن علائقن ۾ هو باقاعدي رڳو -اوسارا- ڪن. ”ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا“ جي مصنف خير محمد -ٻرڙي- موجب ته: -ڀٽي- اصل ”ڀاٽيا“ مان ورتل آهي. ”وقائع راجستان“ جي مولوي نجم الدين موجب -ڀٽي- اصل ۾ يادو چندر ونسي -ٻڌ- جو اولاد آهن، جيڪي سنڌ جا سماٽ آهن. -تحفة الڪرام- موجب: راڻي رڪمڻيءَ جي پوٽي راجا پردمن جي اولاد مان آهن، جيڪو اصل سيوهڻ جو جاگيردار ۽ مذهبي طور -ٻڌ- هو. محمد -بن قاسم- جڏهن سيوهڻ فتح ڪيو ته هي مسلمان ٿيا. اڄ به سيوهڻ جي نئين محلي ۾ چندر ونسين جو اولاد رهي ٿو. انهن کي هاڻي -ڀٽي- محلا چون ٿا. سيوهڻ لڳ حاجي جان محمد ڀٽيءَ جو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ هن ذات وارا گهڻا ماڻهو رهن ٿا. ڪرنل ٽاڊ ”تاريخ راجستان“ ۾ لکيو آهي ته: ڀٽي، يادو قوم جي 56 ڪُلن مان هڪ ڪُل آهي. ڪتاب ”پنجاب ڪِي ذاتين“ موجب، -ڀٽي- چندر بنسي نسل مان جادو ونسي شاهي راجپوت خاندان جي ڪرشنا جي اولاد مان آهن، -جن- جيسل ۽ جيسلمير شهر اڏايو. رچرڊ برٽن، ڀٽين کي جتن جو اولاد سمجهي ٿو. مرزا قليچ بيگ جي لکت موجب ڀٽي، -اوڏ- ۽ مينگهواڙ قوم جي هڪ ذات آهي. ”مولائي شيدائي -جنت- السنڌ“ ۾ کين چندر ونسي نسل جي يادو ڪُل مان ڄاڻائيندي سندن -اٺ- شاخون ٻڌايون آهن. (1) يادو، (2) ڀاٽي، (3) جاڙيجا، (4) سمتيجا، (5) مرديجا، (6) پدمن، (7) -بادا- ۽ (8) سوها. سندن اصل وطن ”ماروسٿل“ راجپوتانا ٻڌايو اٿس.
ڀٽي سنڌ ۾ به گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا. سندن خاص پاڙا هي آهن: (1) بلاڪاڻي، (2) ڪمبوهه، (3) ميڪڻ، (4) سنجواڻي، (5) بوبا، (6) ڪمالاڻي، (7) منهاڻي، (8) شاهاڻي، (9) ڌامراهه، (10) ڪرماڻي، (11) ميراڻي، (12) سومراڻي، (13) دگهه، (14) کچي، (15) راهو راڻي، (16) ورک، (17) گاجڻ، (18) ڪڪيارو، (19) رانجهاڻي، (20) کهرا، (21) ڳورڙ، (22) لڪلاڻي، (23) رشيداڻي، (24) وائين، (25) جهاڳڻ، (26) لوهاڻي، (27) سهتاڻي، (28) رائو، (29) ماهوٽا ۽ (30) صندل.
راجسٿان ۾ ھن ذات کي جاٽ نسل مان سمجھيو وڃي ٿو ۽ سندن علائقو ”ڀٽنير“ ڪوٺجڻ ۾ آيو، جنهن جو مکيه شھر ”ڀٽنڊا“ آھي. سندن پيشو مال پالڻ ۽ زراعت ھو. ھن ذات کي راجپوت نسل ۾ شمار ڪيو ويندو آھي. سندن وڏي جو نالو ”جيسل“ ھو، جنھن جي اڳواڻيءَ ۾ ڀٽين، ملتان تي حملو ڪري، لانگاھن ۽ جوين کان ڪافي ريگستاني حصو کسي ورتو. ھن ذات جي ماڻھن ڪافي عرصي تائين -پشاور- ۽ ڪشمير جي وادين تي به راڄ ڪيو، جتان 1339ع ۾ ھڪاليا ويا. -ڀٽي- ذات جا ڪيترائي پاڙا آھن، -جن- مان مشھور پاڙا ”وٽو‘، ’سڌو‘، ’برار‘، ’ٺن‘، ’ميتلا‘ ۽ ’کچي‘ وغيره آھن. آڳاٽي چوڻي آھي ته:
سـنـڌ سـمـو، ڪاڇـي چـنو، ڀاٽـي جيـسرميـر.
چوٿين پيڙھي چغدو، جنھن جو پيڙھي مٿي پير،
ھي ڪافي وڏي ذات آھي. سنڌ ۾ -ڀٽي- گھٽ آھن، پر پنجاب ۽ راجسٿان ۾ ڪثرت سان -آباد- آھن. -انگريز- دور ۾ پنجاب کان لڏائي کين زمينون ڏئي سنڌ ۾ -آباد- ڪيو ويو ھو. -ڀٽي- قبيلو سنڌ جي تمام آڳاٽن قبيلن ۾ شمار ڪيو ويندو آھي. سندن سنڌ جي سياسي -تاريخ- ۾ اھم حيثيت رھي آھي. آڳاٽي دؤر ۾ -ڀٽي- رازڪي ڪم ۾ مشھور ھئا، تنھن کان سواءِ ڀٽين جا ڪجهه خاندان منگتن ۽ ڀانن سان سير ڪندا ھئا، جڏھن ھي قبيلي طور مختلف ھنڌن تي سانتيڪا ٿيا ته ھنن سنڌ جي حڪمران طبقن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪرايو. خاص ڪري سومرن جي دور ۾، جڏھن پھريون ڀيرو سومرن سردارن سنڌ جون واڳون سنڀاليون ته سومرن پاڻ سان مختلف ذاتين ۽ قبيلن کي اھم جاءِ ڏني، پوءِ اندروني معاملو ھجي يا ٻاھريون، تڏھن -ڀٽي- قبيلو به فيصلن ۾ اھم جاءِ رکندو ھو. دودي ۽ چنيسر جي پڳ واري معاملي ۾ راڄائي فيصلي ۾ ڀٽين جو به اھم ڪردار ھو ۽ جڏھن علاءُ الدين سان -جنگ- ٿي ته ڀٽي، دودي جي فوج پاران -جنگ- ۾ وڙھيا. سومرن جي دؤر کان پوءِ -ڀٽي- پنھنجي فن ۾ ماھر جي حيثيت سان اڀريا. سندن فنون لطيفه آڏو حڪمران محتاج ھوندا ھئا. ھن وقت به -ڀٽي- -پاڪستان- جي ڪيترن علائقن ۾ علم، ادب ۽ فن جي حوالي سان سڃاتا وڃن ٿا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀٽي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀٽي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ذات - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغائي سيد
باکڙا
بالاچ
بالادي
بانڪا
ٻاٽ (ذات)
ٻاٽ
آٿيلا
بجير
ٻاچڙا
ٻارا
ٻاراچ
ٻارڻ (ذات)
ٻاروپار
ٻاگھل
ٻاگھل (ذات)
ٻانڀڻ (ذات)
ٻانڌي (ذات)
ٻانها
ٻائيتال (ذات)
ٻٽ
ٻٽ سرائي
ٻٽ سرائي (ذات)
ٻٽوڙ
ٻپڙ
ٻپڙا
ٻجورا
ٻچڙا
ٻڌ (ذات)
ٻڍاڻي (ذات)
ٻرڙا
ٻرهام
ٻگهيا
ٻلال
ٻليداڻي
ٻنڀا
ٻوچ
ٻوچيا
ٻوڍا
ٻور پوٽا
ٻوڙاڻا
ٻوسڻ
ٻوهڙا
ٻوهيا
ٻهڙ (ذات)
ٻياپرايا
ٻيٽا
ٻيجل (ذات)
اعواڻ
بدين پوٽا
اگهم
اگهيم
اڱاريا
بروٿا
بروهي
آچرا
برهماڻي
آبڙيجا
بزگر
امرناڻي
امروهي2
اتمچنداڻي نک
اُتم سنگهه نک
آرائين (ذات)
اڇوت
اَحمداڻي
آريجا
آريسر
آڏواڻي
انبواڻي
انڍڙ
انڙ
بڪيجا
بڪيرا
اڍيجا
اڍيجاڻي
بلا (ذات)
آسواڻي
آهوجا
آئلاڻي
آئلسنگاڻي
بهراڻي
بهليم
بهمڻ
بهڻ
بمرا
بنبل
آگاڻي
آگرا
بوڌاري
بوڌيا
بوزدار
بوهڙ
اوڍا
اوڍا1
اوڍاڻا
اوڍر
اوستا
ابڙيجا
اڍا


.....ذات موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن