ايڪوپنڪچر

ايڪوپنڪچر

ايڪوپنڪچر

ايڪوپنڪچر: ايڪوپنڪچر علاج جو هڪڙو اهڙو طريقو آهي، جنھن ۾ جسم ۾ سُيون هنيون وينديون آهن. ائين ڪيترين ئي بيمارين جو علاج ۽ سور ختم ڪري سگهبو آهي. دنيا جا ڪيترا سائنسدان هن قسم جي علاج رستي ماڻهن جو علاج ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڪي اهڙا به آهن، جيڪي اڃا تائين هن طريقي کي ايترو فائديمند نه ٿا سمجهن. ايڪوپنڪچر آهستي آهستي پاڪستان ۾ به عام ٿي رهيو آهي. اصل ۾ علاج جو هي هڪ چيني طريقو آهي، جنھن آهستي آهستي سڄيءَ دنيا ۾ شھرت حاصل ڪئي آهي. 1979ع ۾ صحت جي عالمي اداري پڻ هن طريقي سان علاج جي پٺڀرائي ڪئي هئي. ايڪوپنڪچر، علاج جو پنج هزار سال پراڻو طريقو آهي، جنھن ۾ عمدي ۽ سنهي قسم جون ڌاتن جون ٺھيل سيون انساني جسم جي ڪن مخصوص هنڌن تي، چمڙيءَ ۾ هنيون وينديون آهن. جيئن ته ايڪوپنڪچر علاج جا موجد چيني آهن، تنھنڪري هنن جو چوڻ آهي ته جسم ۾ ٻن قسمن جون لھري قوتون يا شڪتيون آهن. جن کي ’ڀنگ‘ ناڪاري (Yin) ۽ ’ڀانگ‘ هاڪاري (Yang) شڪتيون سڏيو ويندو آهي. ائين جڏهن جسم ۾ انهن ٻنھي قسمن جون شڪتيون ۽ سندن وهڪ هڪ ڪري ٿئي ٿي، تڏهن شڪتيءَ جي اهڙي وهڪ واري حالت کي ’چي‘ سڏجي ٿو ۽ انسان صحت مند رهي ٿو. پر جڏهن ڀنگ ڀانگ (ين ۽ يانگ) ۾ گهٽ وڌائي جي صورت ۾ گڙٻڙ پيدا ٿئي ٿي ته ماڻهو بيمار ٿي پوي ٿو. انهيءَ جو سبب ڪنھن به هڪ شڪتيءَ جو وڌي وڃڻ ۽ ٻيءَ جو گهٽجي وڃڻ به ٿي سگهي ٿو. ايڪوپنڪچر لاءِ جسم ۾ اهڙا ڪيترا مخصوص هنڌ هوندا آهن، جتي سيون هنيون وينديون آهن. اهڙا هنڌ چمڙيءَ جي هيٺيان وَهَه ۾ هوندا آهن ۽ انهن جو واسطو وري مختلف اندرين عضون سان هوندو آهي. اهڙا هنڌ ڊيگهه ۾ انچ جي ڏهين حصي جيترا سڌا ۽ هڪ ليڪ ۾ هوندا آهن. اهڙن هنڌن تي سيون هڻي ڪيترين بيمارين جو علاج ڪيو ويندو آهي. جسم ۾ اهڙا 361 بنيادي هنڌ آهن. انهيءَ کانسواءِ کوجنائن دوران اهڙا پنج سؤ کن ٻيا به هنڌ لڌا ويا آهن. ايڪوپنڪچر وسيلي هيٺين بيمارين جو ڪامياب علاج ڪري سگهبو آهي: سنڌن جو سور (GOUT) خاص طور تي پٻ، گوڏي ۽ آڱرين جو سخت ۽ سوڄ پئدا ڪندڙ درد، سنڌن جو سور، ڏند جو سور، عصبي سور يعني ته تنتن ۾ پوندڙ سخت ۽ ٽاٽ سان اڀرندڙ سور، مٿي ۾ هر هر ۽ سخت پوندڙ سور، گهڻو ڪري اڌ مٿي ۽ اڌ منهن ۾، آڱاري (معدي ۾ تيزابيت جو وڌي وڃڻ)، ننڊ نه اچڻ، وڌيل بلڊ پريشر، دم، گهڻو پگهر اچڻ، نامردي، تنتي دٻاءُ، ڪنن جو وڄڻ، حيض ۾ گڙٻڙ، مرگهي، ڊائريا، قبضي، اپينڊڪس ۾ سور، ٻارڙن جو هنڌ ۾ مٽڻ، ويم ۾ تڪليف، شاڪ واري حالت، دل جو سور، چيلهه جو سور، ڪنڌ جو سيٽجي وڃڻ، موچ، اڌرنگ، هيٺئين ڌڙ جو سڪي وڃڻ، لقوو، هسٽيريا، دماغي خلطن، نظر گهٽجي وڃڻ، ڪليون پوڻ، سرسام، پوليو، صفراوي حالتون، بخار ۽ هڏڪي وغيره. انهيءَ کانسواءِ ايڪوپنڪچر وسيلي انهن ماڻهن جو ڪامياب علاج ڪري سگهجي ٿو، جيڪي ٻوڙا هوندا آهن. چين ۾ اهڙن ڪيترن ٻارڙن تي ڪامياب تجربا ڪيا ويا آهن، جيڪي ڄائي ڄم کان گونگا ۽ ٻوڙا هيا. تجربن مان اسي سيڪڙو ٻارڙا ٺيڪ ٿي ويا، هن قسم جا ڪامياب تجربا آمريڪا ۾ به ٿي رهيا آهن. صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ موجب دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ايڪوپنڪچر علاج وڏي شھرت حاصل ڪري رهيو آهي. چين، جپان، ڪوريا، آسٽريا، بيلجيم، اولهه جرمني، اٽلي، هانگ ڪانگ، اسپين، يونان، نيڌرلينڊ، تائيوان، مڪسيڪو، ڪئناڊا ۽ برطانيه وغيره اهڙا ملڪ آهن، جتي هن طريقي سان ڀرپور علاج ڪيو وڃي ٿو. ايڪوپنڪچر علاج جي هڪڙي خوبي هيءَ به آهي ته هي ڪو مهانگو علاج نه آهي. هن لاءِ رڳو ڪجهه سُئين ۽ بجلي پسرائيندڙ اوزارن جي ضرورت هوندي آهي. اسلام آباد ۾ به هڪڙي اهڙي سرڪاري پالي ڪلينڪ آهي، جتي مريضن جو مفت علاج ڪيو ويندو آهي. پاڪستان ۾ ايڪوپنڪچر شفاخانا، ڪيترن هنڌن تي قائم ٿي چڪا آهن، جتي مريضن جو علاج ڪيو ويندو آهي. پاڪستان ۾ ڪراچي، اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ هن قسم جا شفاخانا آهن. سنڌ ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ اهڙن ڪامياب ماهرن مان هڪ آهي، جيڪو ايڪوپنڪچر وسيلي ماڻهن جو علاج ڪندو آهي، پاڻ انهيءَ لاءِ چين مان مھارت حاصل ڪري آيو آهي. هن علاج جي مقبوليت جو سبب نه رڳو سَستائپ ۽ سُئين جو استعمال آهي، پر هي ٻھراڙين ۽ جنگي حالتن دوران به ڪاميابيءَ ۽ سولائيءَ سان استعمال ڪري سگهبو آهي. ٿلهي ليکي چئي سگهجي ٿو ته هن جا هيٺيان فائدا آهن. (1) هن جا ڪي خاص اگرا اثر يا سائيڊ افيڪٽس ڪونه آهن، (2) جسماني ڪمن ڪارين کي سر ۾ آڻي ٿو، (3) جسم کي بيمارين سان مقابلي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڀڙ ڪري ٿو، (4) ٻھراڙين، جابلو علائقن ۽ جنگي حالتن ۾ سولائيءَ سان استعمال ڪري سگهجي ٿو، (5) انهن مرضن جي پاڙ پٽي ٿو، جيڪي انگريزي دوائن سان ڇٽي نه ٿا سگهن، (6) آپريشن جي سور کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو، (7) ڪيترن قسمن جي سور کي ختم ڪري ٿو، خاص طور ڏند جي سور کي، (8) هي هڪ سستو ۽ سولو طريقو آهي. هن جا ورلي هيٺيان سائيڊ افيڪٽس يا اگرا اثر به ٿي سگهن ٿا، جھڙوڪ: (1) اسٽرلائيز سيون استعمال ۾ نه آڻڻ ڪري پڪريز ٿيڻ يا ڪي بيماريون هڪ کان ٻئي مريض ۾ منتقل ٿيڻ، (2) انهن مريضن کي غش ڪري سگھي ٿو، جيڪي حساس، گهڻا ٿڪل ۽ بکايل هوندا آهن، (3) ڪمزوز مريضن جو غش ٿيڻ، پگهر اچڻ، اوڪارا، قي، (4) رئيس عضون کي نقصان، (5) سئي ڀڄي پوڻ ۽ جسم ۾ رهجي وڃڻ واري حالت ۾ نقصان ۽ (6) گرڀوتيءَ جي حالت ۾ ڇڪيءَ جو انديشو. ان کانسواءِ ڪي اهڙا مريض به هوندا آهن جن کي ايڪوپنڪچر نه ڪيو ويندو آهي. جھڙوڪ: (1) حساس مريض، (2) گهڻا ڪمزور، (3) ڳورهاريون عورتون، خاص طور تي اهي جن کي پهرئين ٽن مھينن جو پيٽ هوندو آهي، (4) رت جي گڙ ٻڙ وارين حالتن ۾، (5) توائي باز مريض، (6) ڪاوڙيل هجڻ وقت، (7) نشي ۾، (8) چمڙيءَ جي پڪريز واري حالت ۾ ۽(9) ماهواريءَ دوران. ايڪوپنڪچر وسيلي ڪيترن عادي ماڻهن جو به علاج ڪري سگهبو آهي. سگريٽ ۽ ٻين نشن جي عادي ڪيترن ماڻهن کي ڇٽايو ۽ ڇڏايو ويو آهي. آفيمي ۽ هيروئن واپرائيندڙ ماڻهن جي ڪامياب علاج کانپوءِ کين انهن عادتن جي وري هير نه ٿي ٿئي. پئرس ۾ ته سگريٽ ڇڏائڻ لاءِ اهڙيون ڪيتريون ڪلينڪون کوليون ويون آهن، جتي ايڪوپنڪچر وسيلي ماڻهن جي سگريٽ جي هير ڀڳي ويندي آهي. هانگ ڪانگ جنھن کي نشن جو ڳڙهه سڏيو ويندو آهي، اتي ته ايڪوپنڪچر تمام عام استعمال ڪيو ويندو آهي. اهڙا ٿلها ماڻهو به ايڪوپنڪچر وسيلي پنھنجو وزن گهٽرائي سگهن ٿا.


لفظ ايڪوپنڪچرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو