داخلا ؛ 3313
پڙهيو ويو ؛ 2660
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-03-20


تصويرون




ٽائيم لائين

1500.00.00-B.C
عيسوي سنه کان 15 سئو سال اڳ واديءِ سنڌ ۾ آرين جي موجودگي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ، جن پنجاب ۽ سنڌ جي دريائي ڪنارن تي رهائش اختيار ڪئي . آريا ، هتي اصلوڪن رهاڪُن سان ميل جول کان پوءِ وڃي ، گنگا ۽ جمنا ندين جي ڪنارن تي رهيا . آرين انهيءَ دؤر ۾ پنهنجن ڌرمي اشلوڪن ۽ ساراهه جي گيتن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ قلمبند ڪري ، انهن کي ” ويدن “ جو نالو ڏنو . ويدن ۾ گهڻو ڪري ديوتائن جي ساراهه جا گيت ۽ ڌرمي ڪرياڪرمن بابت سمجهاڻي ڏنل آهي .

0700.00.00-A.D
( 1 ) 700ع کان اڳ وارو دؤر: پهرين صدي عيسوي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي پالي پراڪرت ٻوليءَ جو اثر پيو . ان پالي محاوري جي ذريعي سنسڪرت جا ڪافي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا . ان کان علاوه عيسوي پهرين صديءَ کان وٺي ستين صديءَ تائين ايراني ، يوناني ، ترڪي ۽ داردي ٻولين جو پڻ سنڌي ٻوليءَ تي ڪافي اثر پيو . سنڌي ٻوليءَ جي ذاتي اصليت خواه تاريخي حقيقت ، سنسڪرت ۽ ان جي پراڪرت ٻولين کان بلڪل نرالي هئي . ان جي ڪن دورن ۾ ’ اپڀرنش ‘ ۽ ’ وراچڊ اپڀرنش ‘ جي نالن سان به سڃاڻپ ٿي . بهرحال ڏهين صدي عيسويءَ ۾ ان

1349.00.00-A.D
عارفانه اخلاقي شاعريءَ جي سلسلي جا آڳاٽي ۾ آڳاٽا ” بيت “ 1349ع کان 1500ع جي دور جا آهن ،




sindhianaسنڌيانا--بيت

ٽائيٽل ؛ بيت


شاخ : شاعري

بيت: سنڌي شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾، -بيت- قديم -ترين- صنف آهي، جيڪا هزارين سال اڳ موجود هئي.
قديم دور ۾ ڌرم ڪرم جي سکيا لاءِ، گهڻي انداز ۾ پاٺشالائون هونديون هيون، -جن- ۾ ’پروهت‘ ڌرمي سکيا جا ٻول، سکيا وٺندڙن کي گهڻو ڪري زباني ياد ڪرائيندا هُئا. اُهي ٻول يا جملا ۽ -اشلوڪ- ڪهڙي نالي سان سڏيا ويندا هئا ۽ انهن جو گهاڙيٽو ڪهڙو هو؟ سا خبر ناهي.
البته موجوده لفظ ”بيت“، ڊاڪٽر نبي بخش خان -بلوچ- ۽ ٻين جي بقول اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو سنڌ ۾ عربن جي حڪومت واري زماني (1050ع -712ع) ۾ عام مروج ٻن سٽن واري شعر لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. اُن کان اڳ، ٻن سٽن واري شعر کي اشلوڪ، سوتر، سورٺو يا دوهو چيو ويندو هوندو، حالانڪ ’اشلوڪ‘ ۾ ٻن سٽن واري پابندي لازمي نه هوندي آهي ۽ وڌيڪ سٽون پڻ هونديون آهن، جڏهن ته سوتر ۾ هڪ سٽ ٿيندي آهي.
بيت بابت ٻي راءِ اها آهي ته اُهو، دوهي ۽ سورٺي جي ميل مان ٺهيو آهي. اوائلي -بيت- ٻن سٽن جو هو ۽ بعد ۾ -ان- ۾ سٽن جي واڌ ايندي وئي. بهرحال، -بيت- پنهنجي ساديءَ سٽاءَ جي مسلسل استعمال جي ڪري، نه فقط پنهنجي وجود کي قائم رکيو، پر سنڌي شاعريءَ جي -اوسر- ۽ عروج لاءِ به نهايت مؤثر ذريعو بڻيو.
واديءِ سنڌ جي ٻولي، سموري واديءَ ۾ ڌار ڌار لهجن ۾ ورهايل هئي، جنهن ۾ موجوده سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪڇي- گنداواهه، لس ٻيلي، مڪران، سرائڪي -پٽي- ۽ ديراجات جون ٻوليون؛ مارواڙ، ميواڙ، جيسلمير، بيڪانير، هرياڻا، ڪشمير، داردستان، گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جون ٻوليون شامل ڪري سگهجن ٿيون.
ماضيءَ کان، اڄ تائين ”بيت“ طويل سفر ڪري اسان تائين پهتو آهي. انهيءَ سفر ۾ مختلف ٻولين ۽ اُنهن جي سماج مان -بيت- جو گذر ٿيو. ۽ اهو جدا جدا تهذيبي ۽ ڌرمي متن جي تعليمي روين کان متاثر ٿيو، ڪيترين ئي فڪري ڌارائن مان سيراب ٿيندي، مڪمل طرح جملي رعنائين، سهڻاين ۽ خوبين سان سينگاريل، هن وقت اسان جي آڏو موجود آهي. انهيءَ سموري سفر جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
عيسوي سنه کان 15 سئو سال اڳ واديءِ سنڌ ۾ آرين جي موجودگي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، -جن- پنجاب ۽ سنڌ جي دريائي ڪنارن تي رهائش اختيار ڪئي. آريا، هتي اصلوڪن رهاڪُن سان ميل جول کان پوءِ وڃي، گنگا ۽ جمنا ندين جي ڪنارن تي رهيا. آرين انهيءَ دؤر ۾ پنهنجن ڌرمي اشلوڪن ۽ ساراهه جي گيتن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ قلمبند ڪري، انهن کي ”ويدن“ جو نالو ڏنو. ويدن ۾ گهڻو ڪري ديوتائن جي ساراهه جا گيت ۽ ڌرمي ڪرياڪرمن بابت سمجهاڻي ڏنل آهي.
سنڌي -بيت- جي اوسر: مٿئين تفصيل مان معلوم ٿيندو ته سنڌي -ٻولي- اتر- الهندي هندستان جي خطي جي ڄائي، واديءِ سنڌ جي -تهذيب- سان گڏ وجود ۾ آئي، وڌي ويجهي ۽ -ان- ۾ بتدريج -ترقي- ايندي رهي. -ان- وقت ڌار ڌار لهجن جا ڌار ڌار نالا هئا. راجسٿان ۾ رائج سنڌيءَ جي لهجي کي ”اپڀرنش“ چيو ويندو هو، پر واديءَ سنڌ جي ڏاکڻئين حصن ۾ رائج سنڌي ٻولي، ستين صدي عيسويءَ ڌاري، مڪمل ٻوليءَ جي حيثيت سان نکري نروار ٿي. -ان- کان پوءِ تاريخي لحاظ کان، سنڌي ٻوليءَ کي چئن دؤرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. جنهن مان -ان- جي ادب جي -اوسر- تي روشني وجهي سگهبي.
(1) 700ع کان اڳ وارو دؤر: پهرين صدي عيسوي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي -پالي- پراڪرت ٻوليءَ جو اثر پيو. -ان- -پالي- محاوري جي ذريعي سنسڪرت جا ڪافي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا. -ان- کان علاوه عيسوي پهرين صديءَ کان وٺي ستين صديءَ تائين ايراني، يوناني، -ترڪي- ۽ داردي ٻولين جو پڻ سنڌي ٻوليءَ تي ڪافي اثر پيو. سنڌي ٻوليءَ جي ذاتي اصليت خواه تاريخي حقيقت، سنسڪرت ۽ -ان- جي پراڪرت ٻولين کان بلڪل نرالي هئي. -ان- جي ڪن دورن ۾ ’اپڀرنش‘ ۽ ’وراچڊ اپڀرنش‘ جي نالن سان به سڃاڻپ ٿي. بهرحال ڏهين صدي عيسويءَ ۾ -ان- جي موجوده صورت نظر اچي ٿي.
هن دؤر ۾ سنڌي -ٻولي- نحوي اعتبار کان ادبي ٻوليءَ جو روپ وٺي چڪي هئي. سنڌ جي جوتش، طب وغيره تي تحريري مواد جا حوالا عربي ڪتابن مان ملن ٿا. خاص طرح راءِ گهراڻي جي دور ۾ جيڪي سنڌي ٻوليءَ جا منظوم قصا لکيا ويا، -تن- جو رسم الخط -برهمي- ۽ ناگري هو، پر -ٻولي- گهڻي قدر موجوده سنڌي ٻوليءَ واري هئي. انهيءَ لحاظ سان اهو دور سنڌي -بيت- جي شروعات وارو دور ڪري ليکيو ويو آهي.
(2) ٻيو دؤر 700ع کان 1300ع تائين، (3) ٽيون دؤر 1400ع کان 1600ع تائين، (4) چوٿون دؤر 1700ع کان ورهاڱي تائين. هيٺ هرهڪ دؤر جو ذڪر ڪجي ٿو:
ابتدائي دؤر: هن دؤر جي سنڌي ٻولي، گرامر جي ذخيري ۽ سِٽاءَ جي لحاظ کان مڪمل ٻوليءَ جي صورت وٺي چُڪي هُئي، البت ڪن لفظن جي گهاڙيٽي ۾ -اپڀرنش- ۽ لهندا ٻولين جي جهلڪ نظر اچي ٿي. -ان- دؤر جي سماجي اٿل پٿل به ٻوليءَ تي تمام گهڻو اثر انداز رهي. هن دؤر ۾، خاص ڪري سنڌي ادب ۾ ٽي اضافا نظر اچن ٿا.
(الف) سوتر، ڳاهون، سينگار جا بيت، مذهبي گيت، نظم ۽ بيت. هر سوتر، ڳاهه، مذهبي گيت ۽ نظم بذات خود مڪمل گيت هوندو هو. گهڻا ماڻهو گڏجي گيتن کي سُر سان ڳائيندا هئا. انهن گيتن ۾ زندگيءَ جو سادو سودو فلسفو لڪل هوندو هو. انهن گيتن ذريعي انسانيت ۽ همدرديءَ جا جذبا اُڀاريا ويندا هئا. انهيءَ دور ۾ هيمچندر (1088ع- 1179ع) نالي هڪ ودوان اتر- الهندي هندستان جي ادبي ٻوليءَ جو گرامر لکيو. -ان- ۾ هن جيڪي دوها مثال طور پيش ڪيا، -تن- مان ٻارهين صدي عيسويءَ جي ٻوليءَ جو اندازو ٿئي ٿو. هن ٻوليءَ مان هيمچندر ۽ ٻين نحوين، سنڌي ٻوليءَ جي بيتن جو گمان ڪيو آهي. ليڪن -ان- کان اڳ راءِ گهراڻي توڙي -برهمڻ- گهراڻي جي دور جي ٻوليءَ مان آوازن، لفظن جي گهاڙيٽي ۽ صرفي نحوي سٽاءَ ۽ ادبي صنفن جي -باري- ۾ توڙي سنڌي ٻوليءَ جي لغات بابت معلومات ملي ٿي. اهو دؤر سومرن جي حڪومت کان اڳ جو دور چئي سگهجي ٿو. سومرن جو دور (1010ع کان 1349ع)، جيڪو پوءِ وقت گذرڻ سان پنهنجي هيئت ۽ سٽاءَ توڙي معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان ارتقائي دور طئي ڪري، موجوده اعليٰ سطح تي پهتو.
انهيءَ ارتقائي سلسلي جا ٻه مکيه پهلو هئا: هڪ طرف عارفانه ۽ اخلاقي شاعريءَ ”بيت“ کي وڏي اهتمام ۽ احتياط سان نپايو ۽ -ان- کي انساني زندگيءَ جي ڳوڙهن نڪتن ۽ اعليٰ مقصدن جي -تشريح- جو ذريعو بنايو، ته ٻئي طرف وري عوامي شاعريءَ -ان- کي عام قصن، ڪهاڻين جي بيان ۽ تفصيل واسطي هڪ مؤثر ۽ عام مقبول ذريعو بنايو. اهڙيءَ طرح -بيت- -ترقي- ڪري، ڳوڙهي فڪر ۽ خيال توڙي عام ڳالهه جي تفصيل ۽ بيان جي اظهار لاءِ معياري ماڻ بنيو. عارفانه ۽ اخلاقي شاعريءَ کي عالمن، مفڪرن، فقيرن ۽ ولين اوج تي پهچايو. انهن پنهنجي علمي ۽ ادبي ڄاڻ جي بناءَ تي هن صنف کي -ان- جي تاريخي اصليت جي لحاظ کان ”بيت“ سڏيو. عوامي قصن ڪهاڻين خاطر جوڙيل بيتن کي ڳائڻ خاطر منظوم ڪري، انهن کي عام ڪچهرين ۾ ڳايو ويو. انهيءَ ڪري -ان- کي ”ڳاهه“ سڏيو ويو. قصن ڪهاڻين جي انهيءَ مواد ۾، جيڪو هن موجوده دور ۾ قلمبند ڪيو ويو آهي، ڪن ڳاهن جي سٽاءَ ۽ ٻوليءَ مان گمان نڪري ٿو ته اهي سومرن جي دور جون ٿي سگهن ٿيون. عارفانه اخلاقي شاعريءَ جي سلسلي جا آڳاٽي ۾ آڳاٽا ”بيت“ 1349ع کان 1500ع جي دور جا آهن، بهرحال عارفانه ۽ اخلاقي شاعريءَ وارا ”بيت“ توڙي اهي ٻيا منظوم جملا يا ’بيت‘ جيڪي ڳاهن طور يا ڳيچن جي ٿلهه طور استعمال ٿيا آهن ۽ -جن- جي اسلوب بيان مان قدامت جو گمان نڪري ٿو، سي پنهنجي اصلي ۽ بنيادي سٽاءَ مطابق ٻه- تُڪا آهن، مثلاً:
اڪ نه ڪجي ڏندڻو، سپ نه کائجي ماه
ات نه لائجي نيهڙو، -جتي- جيءَ وڻاه.

سومرن جي راڄ جي پهرئين دور (1010ع کان 1026ع)، ۾ قديم سنڌ (ملتان سميت) ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ -اسماعيلي- فڪر جي تبليغ هلندڙ هئي؛ -اسماعيلي- داعي معاشري جي هيٺئين طبقي ۾ -اسماعيلي- فڪر جو پرچار ڪندا هئا. پير شمس سبزواري ملتانيءَ جي روضي تي انهن سڀني قومن، قبيلن ۽ ذاتين جا نالا لکيل آهن، جيڪي سندس هٿ هيٺ مسلمان ٿيا هئا. -اسماعيلي- داعي -اسلام- جا سڌا سنوان اصول، عوام جي ٻوليءَ ۾ بيان ڪندا هئا. عربي زبان سکڻ ۽ عربي -تهذيب- جي اختيار ڪرڻ بدران هو نون مسلمانن کي سندن اصلوڪن نالن بدلائڻ تي مجبور نه ڪندا هئا. انهن جي ڪوشش سان پهرين سومرا قبيلي جا ماڻهو مسلمان ٿيا، ۽ پڻ پوءِ ٻين مبلغن جي هٿ هيٺ سما قبيلي جي ماڻهن -اسلام- قبول ڪيو.
1079ع ۾ -اسماعيلي- فڪر جي داعي پير نورالدين (ستگرنور) جا سنڌي ۽ ڪڇي آميز گنان ملن ٿا. جيڪي گهڻو ڪري بيتن جي سٽاءَ ۾ آهن. ساڳئي وقت ۾ مشهور وياڪرڻي هيمچندر هن خطي جي شاعريءَ جا ڪجهه مثال ڏنا آهن.
وياڪرڻي هيمچندر پنهنجي -تصنيف- ”سِڌ هيمچندر“ ۾ شاعريءَ جا ڪي نمونا (سندس راءِ موجب -اپڀرنش- شاعريءَ جا نمونا) گڏ ڪيا، -جن- کي هو ”گاٿائون“ چوي ٿو. انهن مان هڪ ”گاٿا“ يعني ”ڳاهه“ ۾ ڪم آندل -ٻولي- (جنهن تي راجسٿانيءَ ۽ گجراتي ’پنگل‘ ۽ ’ناگر‘ لهجن جو گهڻو اثر آهي) معمولي صوتي تبديلين کان پوءِ اڄ به، ڏکڻ- -اوڀر- سنڌ (ٿر ۽ پارڪر) ۾ ساڳئي نموني اچارجي ٿي، جيئن ته:
ڀلا هئا جو ماريو، ڀيڻ مهارو ڪنت،
لجينج تو ويڻ سي، جو ڀڳا گهر انت.
ڊاڪٽر محمد حسن جي راءِ آهي ته ”اپڀرنش شاعريءَ جا نمونا (گاٿائون) ستين صدي عيسويءَ کان ملن ٿا.“
بهرحال ”بيت“ جي آڳاٽي ادبي سٽاءَ ۾ مذهبي (تبليغي)، ناصحاڻو ۽ صوفياڻو ڪلام يعني گنان، سينگار جا بيت، اخلاقي بيت، رزميه ۽ ساراهه واريون ڳاهون، لوڪ گيت، ٻول ۽ ڳجهارتون شامل آهن.
سومرن جي دور ۾، پير ستگر نور کان پوءِ جيڪي ٻيا -اسماعيلي- داعي ۽ صوفي درويش ٿي گذريا؛ ۽ -جن- سنڌي، ڪڇي، سرائڪي، پنجابي، هندي ۽ پوربي ٻولين ۾ گنان جوڙيا، -تن- -تصوف- ۽ ويدانت جي موضوعن کي ڪڇيءَ، سنڌيءَ، سرائڪيءَ ۽ پنجابي ٻولين ۾ پهريون ڀيرو بيان ڪيو. هنن جوڳ، جڳيسر، -جوڳي- ۽ ڀڀوت جهڙا اصطلاح، پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا. هنن سالڪن کي نصيحت ڪئي ته: هن دنيا کي فاني سمجهن؛ دنيا جي ظاهري رنگينيءَ تي نه ڀنڀلجن؛ وحدانيت تي -ايمان- آڻين؛ نبي سڳوري کي آخري نبي صلي -الله- عليه وسلم ڪري مڃين؛ -الله- جي بندگي ڪن. هنن هنس، ٻگهه، مڇي، شينهن، ٻيڙي، چرخو، مکڻ، محل ماڙيون، ڪوٺا، منڊپ، ڪاتار، هٽ، توراڙِو، ڀؤنر، گُل -ٻوٽا- وغيره علامت طور بيان ڪيا آهن. -اسماعيلي- پيرن، گنانن جي مضمونن جي لحاظ کان انهن جا ڌار ڌار عنوان ۽ نالا رکيا آهن. جيئن ته: آرتيون، گربيون، وينتيون، انت آکاڙو، دس -اوتار- ۽ چوگهڙيا. هيٺ ڪي گنان نموني طور ڏجن ٿا:
پير ستگر نور جو ڪلام
بن ڪلمي بندگي ڪري، تو بندگي سڃي سارِ
جيون نِت اُٺ راه چلڻا، آخر اُجڙ واس

پِاسُون پرينج ٻانڌيئي، ماڻڪ مانهه ويهه
سَت پنٿ ساڌيئي، پنٿي بُورا تي.

پير شمس جا گنان
اي سڀاڳا! اس دنيا وچ ڪيا گن آئيو
ڪيان گن وئسي نال،

اي سڀاڳا! نانگو تون آئيو،
نانگو تون وئسو ڪڇ نه نيسي نال

اٿي -الله- نه گهرين، تون ستين سڄي رات
نڪا جهوري جيوَ جي، نڪو سمر سات

جن -اسماعيلي- پيرن گنان چيا، -تن- مان پير شمس سبزواري ملتان جي پير صلاح الدين، پير شهاب الدين، پير صدرالدين، -پير حسن- ڪبيرالدين، پير -امام- شاهه ۽ پير -تاج- الدين جا نالا قابل ذڪر آهن. سڀني داعين جو ڪلام صوفياڻو ۽ ناصحاڻو آهي. پيرن عاشقاڻو مضمون بيان ڪندي، عورت جي روپ ۾ سالڪ بنجي، محبوب لاءِ تمثيلن ۽ علامتن کان ڪم ورتو آهي.
گنانن واري دور کان پوءِ سومرن ۽ سمن جي دور جون رزميه ڳاهون، جيڪي سمنگ چارڻ ۽ ڀاڳڀان سان منسوب آهن، قابل ذڪر آهن.
هندي زبان جي شاعر ڪبير -ڀڳت- يا -ڀڳت ڪبير- جو -جنم- 1398ع ۾ ٿيو ۽ هن 534 -اشلوڪ- ۽ شبد چيا. سندس شاعري دوهن جي روپ ۾ هئي. سندس شاعريءَ سان هندي شاعريءَ کي نئون روپ مليو. هن بنا ڪنهن خوف جي اعليٰ کان اعليٰ فلسفيانه مضمون آسان زبان ۾ ادا ڪيا، -جن- سماجي براين خلاف جهاد شروع ڪيو.
ساکي، دوهي جي وزن ۾ لکي ويندي آهي. خدا، انسان، دنيا، مرشد، سچائي ۽ عبادت وغيره جي -باري- ۾ هن گهڻو ڪجهه لکيو. پدن ۾ هن معرفت ۽ فنا جي ڪيفيت جو اظهار ڪيو آهي. ڪبير جي مرڻ کان پوءِ گرونانڪ (1470ع) 15 صدي عيسويءَ ۾، ڪبير جي پيغام کي ماڻهن تائين پهچايو. سکن جي ڌرمي ڪتاب ’گروگرنٿ صاحب‘ جي وڏي حصي ۾ ڪبير جون ٻاڻيون آهن. برٽش ميوزيم ۾ 15 صديءَ جي ڪنهن شاعر جو سنڌي ڪلام سنڌ جي ناليواري اديب سراج ميمڻ کي مليو هو، جنهن مان هڪ -بيت- آهي:
ماڻڪ مٽ ڪيوم، اونداهيءَ ۾ اوجرو،
هلندي در حبيب ڏي، سمر سو ٿيوم،
تيلائين پيوم، اگوندرو عالم ۾.

انهيءَ دور جي ٻين سنڌي شاعرن جا ڪجهه دوها هيٺ ڏجن ٿا: مخدوم احمد ڀٽيءَ جو دوهو، سال 1527ع کان اڳ جو چيل:
سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن،
ڪوڙي دعويٰ دوست جي ڪڄاڙي کي ڪن.
قاضي قادن جو دوهو، سال 1551ع کان اڳ جو چيل:
ڪنز، قدوري، ڪافيا، ڪي ڪونه پڙهئوم،
سو پارئي ٻئو، جئان پرين لـــڌوم.
شاهه ڪريم کان اڳ جي ڪنهن شاعر جو دوهو، 1536ع کان اڳ جو چيل:
ڪارين ڪنين ڪڪڙا، ڪَرَه ولاڙ وڃـن،
ويلو ڪن نه وچ ۾، نه اوڳار ڀڃن.
دوهو: دوهو سنڌي ۽ هندي ادب ۾ خاص اهميت رکي ٿو. پراڪرت -اپڀرنش- جي شاعري به هن ئي صنف جي وسيلي عروج تي پهتي. هندي/ سنڌي ادب شروع کان ئي هن صنف کي پنهنجو ڪيو. جيئن نالي مان ظاهر آهي ته دوهو اصل ۾ ٻن سٽن واري شعر لاءِ مخصوص ٿيو جنهن جو سنڌي متبادل ”ڏوهيڙو“ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر پوءِ جي دورن ۾ سٽن جو تعداد ٻن تائين محدود نه رهيو، ۽ هاڻي اهو لفظ -بيت- جي خاص بيهڪ لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
مٿئين تاريخي تسلسل مان ظاهر آهي ته آڳاٽو بيت، جيڪو لکت ۾ مليو آهي، سو چوڏهينءَ صديءَ عيسويءَ جي آخر ۾ شيخ حماد جماليءَ جو چيل آهي ۽ سٽاءَ ۾ ٻه- تُڪو آهي. -ان- کان پوءِ اٽڪل ساڍن -ٽن- سون سالن واري عرصي ۾، يعني ويندي 18 صدي عيسويءَ جي شروع تائين، انهيءَ قديم سٽاءَ واري ٻه - تڪي -بيت- جو سلسلو -جاري- رهيو آهي. انهيءَ قديم ٻه- تڪي -بيت- جي سٽاءَ ۾ ٻن قسمن جي ايجادن وڏي تبديلي آندي ۽ هيئت جي لحاظ سان -ان- جو ارتقائي سلسلو شروع ٿيو. اهي ايجادون هي هيون: -بيت- جي ٻن بنيادي سٽن مان پهرين توڙي پوئين سٽ جي اڌ ۾ قافيي کي آڻڻ، ۽ پڻ انهن ٻن سٽن جي وچ ۾ هڪ سٽ جو وڌائڻ. انهن مان پهرين ايجادن سان -بيت- جي سٽاءَ جون ٽي صورتون وجود ۾ آيون، -جن- مان (1) ۽ (3) وڌيڪ عام مقبول ٿيون.
(1) ......................................13 •.....................11
......................................13 •.....................11 دوهو

(2) .....................11 •......................................13
.....................11 •......................................13 سورٺو

(3) ......................................13 •.....................11
.....................11 •......................................13 بيت
پهرئينءَ سٽا ۾ 13 + 11 جون ٻه برابر سٽون، قافيو آخر ۾، ’دوهو‘ سڏيو. ٻيءَ سٽا ۾ 11 + 13 ماترائن جون ٻه سٽون، قافيو وچ ۾، سُورٺو، سڏيو ويو. ٽينءَ سٽاءَ ۾ 13 + 11 ۽ 11 + 13 ماترائون (دوهو- سورٺا ميل) ڪم آنديون ويون ۽ اُن -بيت- جي صورت ورتي.
چيو وڃي ٿو ته ’بيت‘ جي بنيادي سٽن ۾ ’وچ وارن قافين‘ جي ايجاد غالباً سمن جي دور ۾ ٿي. بيتن جي ذخيري ۾ سومرن جي دور وارن واقعن بابت اهڙا ڪي ڳاهن وارا -بيت- ملن ٿا، -جن- ۾ ’وچيان قافيا‘ آيل آهن. البته اهي ڳاهن وارا -بيت- جيڪي سمن جي دور جي واقعن سان تعلق رکن ٿا ۽ پڻ اسلوب بيان جي لحاظ سان آڳاٽا نظر اچن ٿا، -تن- مان گهڻن ۾ ’وچيان قافيا‘، سمايل آهن ۽ غالباً انهن مان ڪي انهيءَ آڳاٽي دور جا چيل آهن. مثلاً:
هڪ ڦل پسجن واڙيين، ٻئا جي بٺيين ڌاڻ
لاکا آءُ مهراڻ، تو ريءَ سڃو ڪاڇڙو.

چڙهـي پـهڻ چڪار، اُڍي ڪي ٿي اتهين
ڍلين جهڙي نار، ويئي نڱامري نڪري.
البته اهي بيت، -جن- جي اصلي سٽاءَ لکت ۾ موجود آهي، ۽ -جن- ۾ ’وچ وارا قافيا‘ سمايل آهن، سي 15 صدي عيسويءَ جي آخر ۽ 16 صدي عيسويءَ جي شروع واري دور جا يا قدري -ان- کان اڳ جا آهن. اهي -بيت- هيٺ ڏجن ٿا:
جو گهڙي سو ني، ڪو جو قهر ڪلاچ ۾،
خــبر ڪونه ڏي، رڇ ڪڄاڙي رنڊيو.

چران ته چڪن چاڪ، وهان ته وهه سنجري
ماءُ منهنجي ڏيل سين، سورن ڪي اوطاق
جي تون جانان پاڪ، آسابند اڙين جو.
انهن مان پهريون -بيت- ’سنڌي ذاڪرن‘ شيخ عبدالجليل چوهڙ (وفات سال 910هه/ 1504ع) جي سماع جي محفل ۾ پڙهيو. جنهن جي معنيٰ ته اهو -بيت- گهٽ ۾ گهٽ 15 صدي عيسويءَ جي آخر يا -ان- کان اڳ جو آهي. پويون -بيت- شيخ عبدالجليل جي وفات کان پوءِ هڪ ٻيءَ سماع جي محفل ۾ سنڌي ذاڪرن پڙهيو ۽ ڪتاب ”تذڪره قطبيہ“ ۾ ڏنل آهي، جو 1540- 1545ع واري عرصي ۾ -تصنيف- ٿيو. -ان- جي معنيٰ ته اهي -بيت- سورهين صديءَ جي شروعات يا -ان- کان اڳ جا آهن. مٿين بيتن جي لکت ۾ موجودگيءَ مان پڪو ثبوت ملي ٿو ته -بيت- جي ٻن بنيادي سٽن ۾ وچ وارن قافين جو استعمال ۽ انهن جي وچ ۾ وڌيڪ سٽ جو اضافو، اهي ٻئي ايجادون آڳاٽيون ٿيون ۽ 15 صديءَ جي پوئين اڌ ۽ 16 صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ انهن جو استعمال عام هو. پهرينءَ ايجاد سان نه صرف -بيت- جي سٽاءَ ۾ تنوع آيو، پر قافين جي مختلف بيهڪن سان -بيت- ۾ اندروني تَرنم پڻ پيدا ٿيو. ٻيءَ ايجاد سان -بيت- جو مقدار وڌيو ۽ -ان- جي ٻن بنيادي سٽن جي وچ ۾ هڪ کان وڌيڪ سٽن جو اضافو ٿيو. سيد علي شيرازي ٺٽوي (وفات 1573ع) پهريون شاعر آهي، جنهن جي هيٺينءَ لکت ۾، موجود -بيت- جي ٻن بنيادي سٽن (پهرين ۽ پوئين) جي وچ ۾ ٻن وڌيڪ سٽن جو اضافو نظر اچي ٿو:
سرتين سانگ سکن جو، مون کي رويو رهائين،
آءٌ ٿي هلان هوت ڏي، -تان- هـو واريو وهارين،
وريتيون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين،
کُهندا ٿيون کارين، ڪانه هـلائي ڪيچ ڏي.
بيت جي معنوي ارتقا: هيئت ۽ سٽاءَ کان سواءِ مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ سان پڻ ’بيت‘ مختلف منزلون طيءِ ڪيون. هڪ طرف عالمن ۽ مفڪرن، عارفن ۽ سالڪن ’بيت‘ سان اعليٰ شاعريءَ جا ماڻ -ڀريا- ۽ -انسان- جي معياري اخلاق ۽ ڪردار، -توحيد- ۽ معرفت، عقيدت ۽ طريقت ۽ -برادري- ۽ محبت جا پيغام ڏنا، ته ٻئي طرف سگهڙن ۽ سياڻن، ڀَٽن ۽ ڀانن، چارڻن ۽ مڱڻهارن ’بيت‘ کي عوام جي وندر ۽ ورونهن خاطر قصن ۽ ڪهاڻين جو سينگار بنائي، ’ڳاهه‘ طور ڳايو. انهن ٻن جدا گروهن وٽ ’بيت‘ مختلف منزلون طيءِ ڪيون. -ان- ڏس ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو، لطف -الله- قادري، ميون شاهه عنات، ميون عيسو، شاهه لطيف، خواجه محمد زمان، سچل سرمست، عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست خليفو نبي بخش -بيت- جا نمايان شاعر آهن ۽ ’بيت‘ جدا جدا طور ’اصلاحي پيغام‘ يا ’ڳالهه جي مؤثر بيان‘ جو پئمانو بڻيو. ’اعليٰ شاعري‘ جو مقصد -اصلاح- ۽ پيغام رهيو ۽ عام شاعريءَ جو مقصد وندر ۽ ڳالهه جو بيان. ميون شاهه عنات پهريون شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ اعليٰ فڪري موضوعن توڙي عوامي قصن ۽ عنوانن بابت گهڻي ۾ گهڻا -بيت- ملن ٿا. ميين شاه عنات پنهنجن بيتن ۾ اعليٰ سطح جي اصلاحي شاعري ۽ عام تفريحي شاعريءَ جي موضوعن ۽ عنوانن کي ڳنڍيو؛ بيتن ۾ بيان جي وسعت پيدا ڪئي ۽ پڻ بيتن ۾ مجازي رنگ ڀري، ’اعليٰ شاعريءَ‘ جي دائري ۾ مجازي جمال جي تعريف جي نئين باب جو اضافو ڪيو. ميين شاه عنات کان پوءِ شاهه عبداللطيف ’بيت‘ کي عبارت توڙي مفهوم، مضمون توڙي معنيٰ، فصاحت توڙي بلاغت، ’بيان‘ توڙي ’پيغام‘ جي لحاظ سان ’آيتون‘ بنائي، اوج تي رسايو. حضرت شاهه عبداللطيف کان پوءِ، معنوي لحاظ سان بيتن ۾ جيڪي نوان موضوع نکريا، -تن- مان ٻه خاص اهميت رکن ٿا: ساميءَ ۽ سچل سرمست پنهنجن بيتن ۽ سلوڪن ۾ ”خودي ۽ خودشناسيءَ“ جي موضوع کي عوامي خطاب ذريعي وهڃايو ۽ ورجايو، جڏهن ته خليفي نبي بخش ڌارين جي سنڌ تي حملي کان متاثر ٿي وطنيت جي جذبي کي پنهنجي رسالي ۾ سر ڪيڏاري جي ’بيتن‘ جو موضوع بنايو.
ٻارهين صديءَ کان 20 صديءَ تائين سڄا سارا -اٺ- سؤ سال، -بيت- سنڌي ادب کي مالامال ڪندو رهيو آهي.
20 صديءَ ۾ جڏهن فارسي غزل جي چالاماني، سنڌي ڪلاسيڪي صنفن -بيت- ۽ وائيءَ جو اثر گهٽائي ڇڏيو هو، تڏهن جديد شاعرن ڪشنچند بيوس، هري دلگير، شيخ -اياز- ۽ نارائڻ شيام هڪ ڀيرو وري -بيت- کي جياريو ۽ -بيت- سنڌي شاعريءَ جي سڃاڻپ بنجي ويو. اڳتي هلي تنوير عباسي، اُستاد بخاريءَ، امداد حسينيءَ، بردي سنڌيءَ، راشد مورائيءَ، عبدالڪريم ارشد، مير محمد پيرزادي، خاڪي جويي، -تاج- جويي، سرڪش سنڌيءَ، کان وٺي آسي زميني، ادل سومري، -اياز- گل، وسيم سومري، سعيد ميمڻ، اقبال رند، حاجي ساند، زبير سومرو، بخشل باغي، عامر سيال، رحمت پيرزادي ۽ ٻين -بيت- کي جديد رنگ ۾ لکي، سنڌي شاعريءَ جي سُريلي صنف بنائي ڇڏيو آهي. هاڻي -بيت- کان سواءِ سنڌي جديد شاعري الوڻي لڳي ٿي. اڄ -بيت- سنڌي شاعريءَ جو ڳهڻو آهي ۽ -امرتا- حاصل ڪري چڪو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بيت- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بيت - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شاعري - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بحر (شاعري)
بدائع
ٻارهن ماهه (صنف)
استعارو
آزاد نظم
ايهام
بيت
ترانو
ٽپو
ٽه سٽا
جپاني هائيڪو
جگني


.....شاعري موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن