داخلا نمبر 3303
عنوان بلوچ
شاخ قومون
پڙهيو ويو 1215 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

بلوچ

بلوچ: لفظ ”بلوچ“ کي مختلف دورن ۾ بعل، بلوچ، بلوص، بلوس، بلوش، بعلوث، بلعوث، بيلوث، بيلوس ۽ بعلوس لکيو ۽ استعمال ڪيو ويو آهي. بابل وارا پنهنجي قومي ديوتا کي ’بال‘ (يا بعل يعني عظيم) چوندا هئا. يونانين ان کي ’بيلوس‘ چيو. قديم دور ۾ لفظ بلوچي کي ’بعلوث‘ ۽ ’بيلوث‘ لکيو ويندو هو. پوءِ هيءُ لفظ بيلوس ۽ بعلوس ٿي، تحرير ۽ بيان ۾ ايندو رهيو. عرب ان کي بروس، بلوص ۽ بلوش اُچاريندا آهن ۽ ايراني ان کي بلوچ لکندا ۽ چوندا آهن. سنڌ ۽ هند ۾ اهو لفظ ”بلوچ“ ۽ ”ٻروچ“ رائج آهي. اصل لفظ ”بلوص“ آهي، جنهن کي عربن ’بلوش‘ ۽ ايرانين ’بلوچ‘ لکيو. ايراني ’ص‘ جو اُچار نٿا ڪري سگهن، انهيءَ ڪري ’بلوص‘ جي ’ص‘ کي ’چ‘ ۾ بدلائي ’بلوچ‘ جي صورت ڏنائون. لفظ بلوچ جي سڃاڻپ نسب ۽ وطن جي لحاظ سان به ڪري سگهجي ٿي. ڪن تاريخدانن لکيو آهي ته ’بلوص‘ نمرود بادشاهه جو لقب آهي. نمرود بابلي سلطنت جو پهريون بادشاهه هو ۽ کيس احترام کان بلوص يعني ”سج ديوتا“ چيو ويندو هو. سردار محمد خان گشڪوريءَ جي تحقيق مطابق بلوص، نمرود کان پوءِ، بابل جي سلطنت جو ٻيو وڏو بادشاهه هو. وطن جي لحاظ سان بلوچَ، واديءِ بلوص جا رهاڪو هئا. اها وادي شام ۽ حلب جي ويجهو سرحد سان لاڳو آهي. اها اُجاڙ ۽ ويران وادي هئي. عرب ۽ شام جا ڪيترائي قبيلا هتي رهڻ لاءِ آيا، پر روم جي حاڪمن جي هٿ کس ڪري لڏيندا رهيا. جڏهن اسلامي تعليم ۽ حڪومت جو غلبو ٿيو ته حضرت ابوعبيده پنهنجي هڪڙي سردار، حبيب بن مسلمہ، جي هٿ هيٺ هڪڙي لشڪر ۾ هڪ اهڙي به جماعت هئي، جيڪا گهڻي عرصي کان شام ۾ رهندي هئي. فتح کان پوءِ اها جماعت انهي واديءَ ۾ آباد ٿي وئي. تنهن وچ ۾ قبيلي قيس به خانه بدوشي ڇڏي، انهيءَ واديءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. انهن ئي ماڻهن پاڻ کي پهرين ”بلوص“ ۽ پوءِ ”بلوچ“ چوايو .
بلوچ نسل متعلق ڪن جي راءِ آهي ته بلوچ قوم ٻن حصن، بلوچ ۽ بروهيءَ ۾ ورهايل آهي. انهن جو چوڻ آهي ته ٻئي قومون حسب نسب ۾ سامي نسل مان آهن. ٻيو نظريو اهو آهي ته بلوچ ۽ بروهي جدا جدا نسل مان آهن: بروهي دراوڙي نسل مان آهن. جن مؤرخن، بروهين کي بلوچ ڄاڻايو آهي، تن جو چوڻ آهي ته بروهي بلوچن جو اوائلي گروهه آهن، جيڪو بلوچن جي عام هجرت کان لڳ ڀڳ ست اٺ صديون اڳ، ايراني حڪومت جي تخت تاراج ٿيڻ کان پوءِ هجرت ڪري هتي آباد ٿيو. خاص بلوچن جي نسب جي باري ۾ وڏو اختلاف آهي. پاٽنجر جي خيال ۾ بلوچ ترڪمان نسل مان آهن. ڊيمز جو خيال آهي ته هي ايراني نسل مان آهن. هولڊچ جي خيال ۾ هي عرب نسل جا آهن ۽ ماڪلر ثابت ڪيو آهي ته بلوچ مڪران جا قديم باشندا آهن. خود بلوچن وٽ هڪڙي نظم کان سواءِ ٻيو قديم مواد ڪونهي. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ نظم ۾ اهو چيل آهي ته هو امير حمزي جو اولاد آهن ۽ حلب کان آيا آهن. وڌيڪ بيان آهي ته انهن حضرت امام حسين عليه السلام جو ساٿ ڏنو ۽ امام حسين عليه السلام جي شهادت بعد هو بامپور پهتا، ۽ اُتان سيستان آيا. بلوچن جو زميني رستو ايراني بلوچستان ۽ پاڪستان جي مڪران ۽ بلوچستان جي ساحلي علائقن سان آهي. اهو تسليم شده آهي ته هي ماڻهو موسمي تبديلين، ڪڏهن سردارن ۽ ايراني شاهي حڪومت جي رويي کان ۽ ڪڏهن وري روزگار جي تلاش ۾ سنڌ ۾ رهندا هئا. فردوسيءَ جي شاهنامي ۾ بلوچن جو ذڪر آيو آهي. فردوسيءَ هنن جون جيڪي وصفون بيان ڪيون آهن، تن مان ثابت ٿو ٿئي ته هيءَ قوم ايراني بلوچستان ۽ مڪران ۾ قديم زماني کان پنهنجي انفرادي خصوصيت سان رهندي آئي آهي. امرت لال ”عشرت“ جي تحقيق مطابق، قديم فارسي ادب ۾ اهڙا گهڻا ئي اشارا ملن ٿا، جن مان معلوم ٿو ٿئي ته هيءَ قوم شروع ۾ مازندران درياهه جي ڪنارن تي آباد هئي. اُتان ڏکڻ طرف لڏپلاڻ ڪري، پهرين ڪرمان ۽ پوءِ 11 صدي عيسويءَ جي لڳ ڀڳ سيستان ۽ مڪران جي علائقن ۾ اچي آباد ٿي ۽ بعد ۾ بلوچ، 13 صديءَ جي اوائل ۾ چنگيزي حملي کان ڀڄي، اوڀر مڪران ۽ سنڌ جي سرحد تائين پکڙجي ويا. 15 ۽ 16 صدي عيسويءَ ۾ ڪي بلوچ قبيلا پنجاب ۽ سنڌ ۾ به رهندڙ نظر اچن ٿا، ليڪن انهن جي اهم ترين هجرت، تيمور جي حملي کان بابر جي حملي واري عرصي ۾ ٿي. مڪران کان اڳتي وڌندڙ هي ماڻهو قلات جي غيرآباد ٽڪرن ۽ جبلن تي قبضو ڪري ويهي رهيا، جن تي اڄڪلهه بروهين جو قبضو آهي. ڀانئجي ٿو ته ڪن حادثن ۽ حالتن، بلوچن کي قلات مان وري لڏائي، سنڌ ۽ پنجاب جي ميداني علائقن طرف ڌڪي ڇڏيو. بلوچ روايت موجب، امير جلال خان انهن بلوچ قبيلن جو سردار هو، جيڪي 11 صدي عيسويءَ ۾ ڪرمان جي پهاڙن ۽ ريگستان ۾ رهندا هئا. بلوچن جو روايتي عهد انهيءَ سردار کان شروع ٿئي ٿو. سندس چار پٽ: رند، ڪورائي، لاشاري ۽ هوت هئا. رند انهن سڀني ۾ بهادر ۽ دلير هو. اڳتي هلي رند جي اولاد مان ميرچاڪر خان پيدا ٿيو، جيڪو بلوچ نسل جو عظيم سپوت سڏجي ٿو. 12 صدي عيسويءَ ۾ بلوچن، ڪرمان، دشت ۽ سيستان ڏانهن ڪوچ ڪيو. سيستان مان بلوچ، بامپور ۽ موجوده ايراني بلوچستان ۾ آيا. 16 صديءَ جي شروعات ۾ بلوچ قبيلا سنڌ ۽ بلوچستان تي ڇانئجي ويا. سنڌ ۾ بلوچن جو وجود ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي (تخت نشيني 29 نومبر 1469ع ۽ وفات 1517ع) جي عهد ۾ ٿيو. مير چاڪر خان رند، بلوچ قبيلن سان اڳتي وڌي، سبيءَ تي قبضو ڪيو ۽ ان کان پوءِ قلات تي بلوچن جو قبضو ٿي ويو. ان بعد رندن ۽ لاشارين جي پاڻ ۾ ويڙهه شروع ٿي، جيڪا 30 سال جاري رهي، جنهنڪري بلوچن جي طاقت ڪمزور ٿي وئي. سبيءَ تي شاهه بيگ ارغون قبضو ڪيو ۽ ميرچاڪر خان پنجاب ڏانهن هليو ويو. بلوچ شهري به آهن، ڳوٺاڻا به آهن ته خانه بدوش به آهن. هو شهر ۾ رهندڙ هجن يا ڳوٺن ۾، صحرا ۾ هجن يا جهنگن ۾ گذران ڪندا هجن، پنهنجي قبيلي سان سندن محبت بيمثال آهي. هر قبيلو يا تُمن، ننڍن ننڍن قبيلن ۾ ورهايل هوندو آهي، جنهن کي ذات، پاڙو يا نُک چوندا آهن، مثال طور گورچاڻي قبيلي جا چار پاڙا آهن: پهريون پاڙو ’شهڪاڻي‘ آهي، جنهن جون نکون ’جلباڻي‘، ’بکراڻي‘ ۽ ’منڪاڻي‘ آهن؛ ٻيو پاڙو ’هوت واڻي‘ آهي، جنهن جون نکون ’دوداڻي‘، ’شيخاڻي‘ ۽ ’سنجاڻي‘ آهن؛ ٽيون پاڙو ’خليلاڻي‘ آهي، جنهن جون نکون ’بابولاڻي‘، ’چٽياڻي‘ ۽ ’منگاڻي‘ آهن ۽ چوٿون پاڙو ’بازگير‘ آهي، جنهن جون نکون ’دلاڻي‘، ’براهماڻي‘ ۽ ’پيواڻي‘ آهن. هر قبيلي جو هڪڙو سردار ٿيندو آهي ۽ سردار جي حڪم جي پاسداري، قبيلي جي هر فرد جو پهريون فرض هوندو آهي. جنگ هجي يا صلح، سردار جو حڪم مڃڻو پوندو آهي. بلوچ گوشت کي زياده پسند ڪندا آهن. سير شڪار جا شوقين هوندا آهن. شهه سواريءَ جي شوق لاءِ گهوڙا ڌاريندا آهن. بلوچ قوم ۾ ناچ ۽ محفل جي راڳ کي دل کولي داد ڏنو ويندو آهي. قومي ناچ ’جهمر‘ ۾ گهڻو ڪري سڀئي حصو وٺندا آهن. سندن سازن ۾ رباب، چنگ، سارنده (سُرندو)، دنبورو، دهل ۽ نڙ مشهور آهن. بلوچ قوم ۾ ”خون جو بدلون خون“ آهي. جيڪڏهن بلوچ ڪنهن کي پناهه يا سامَ ڏني ته ان کي بچائڻ ۾ پنهنجي سر تان آسرو کڻي ڇڏيندا آهن .
سنڌ ۾ بلوچ ذاتين ۾ رند، لاشاري، هوت، ڪورائي، جتوئي، ڊومبڪي، ڪلمتي، لغاري، مزاري، مگسي، بليدي، گوپانگ، گبول، بوزدار، گشڪوري، جاگيراڻي، باگراڻي، گورچاڻي، جمالي، جکراڻي، نظاماڻي، نوحاڻي، دشتي، خشڪ، ڪلوئي، ڇلگري، ديناري، گرگيج، گورکاڻي، نوتڪاڻي، پتافي، ڀرڳڙي، چانگ، جلالاڻي، جلباڻي، ڪپري، شاهواڻي، ٽالپر، هيسباڻي، بهراڻي، جروار، جسڪاڻي، لنجواڻي، لنڊ، ميرجت ۽ هولاڻي وغيره شامل آهن. چانڊيا به پاڻ کي بلوچ سڏائين ٿا، جڏهن ته ڪجهه تاريخدان کين چانڊڪي پرڳڻي جا رهاڪو ڄاڻائين ٿا پر بلوچ نٿا سڏين. سنڌ ۾ بلوچن جي آبادي تمام گهڻي آهي. اهي سنڌ ۾ مختلف حڪومتن ۽ عهدن تي رهندا پيا اچن. بلوچن ۾ هڪ قبيلي جو هڪ ڌار مذهبي فرقو به آهي، جنهن کي ”ذڪري“ چيو ويندو آهي. بلوچ پاڻ ۾ ڪٽنب جي صورت ۾ رهن ٿا، جنهن کي هو ”ڪهول“ سڏيندا آهن. بلوچ ڪهول جي اتحاد ۽ ٻڌيءَ جون روايتون هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهي تائين، ڪهول جي فردن وسيلي پهچايون وڃن ٿيون. ڪهول وسيلي بلوچي روايتن جي سکيا ڏني وڃي ٿي. محمد اسحاق بلفتي النهيري، عربي تاريخ جي نون ڪتابن مان مدد وٺي، عربيءَ ۾ مقالو تيار ڪيو آهي. تحقيق جي ميدان ۾ ”بلوچ“ جي موضوع تي هيءُ مقالو محققن جي دلچسپيءَ خاطر ڏنو وڃي ٿو: ”بلوچن جو نسب يوب بن قحطان عليه السلام تائين پهچي ٿو ۽ اهي بلوچ محمد بن اسحاق بن يشجب بن يوب بن قحطان بن هود عليه السلام جو اولاد آهن. (يشجب سبا جو پيءُ هو. سندس اصل نالو عبدالشمس هو) يمن وارا ۽ ٻيا چون ٿا ته بلوچ بلشا بطن ازد بن محاويه جو اولاد آهن. (1) بني شمس: هن جي اولاد مان معول ۽ شمسي ازدي آهن، (2) بني عمرو: هن جي اولاد مان ڪرد بن علي بن عمرو بن عامر آهي، (3) بني سليمة: هن جي اولاد مان حمزه بن مختار سليمي ازدي آهي، جيڪو ڪن بلوچ قبيلن جو ڏاڏو چيو وڃي ٿو، (4) بني غنم، (5) بني غالب، (6) بني عثمان: هن جي اولاد مان نمر بن عثمان بن نصر بن زهران آهي. نمري قبيلو ان ڏانهن منسوب آهي. اهڙيءَ طرح مڪران ۾ گهڻا بلوچي قبيلا آهن، جن جو نسب نمري تائين پهچي ٿو، (7) بني نصر: هن جي اولاد مان جلند بن ڪرڪر آهي، جيڪو عمان جي بادشاهن جو ڏاڏو هو ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ هو، (8) بني ازد: هن جي اولاد مان عمان جا موجوده بادشاهه البو سعيد آهن، (9) بني غوث، (10) بني نبت: هن جي اولاد مان ڪنده، ان جون شاخون ۽ پاڙا آهن، (11) بني سبا: هن جي اولاد مان حمير ۽ ان جا بادشاهه آهن، (12) بني يشجب: هن جي اولاد مان آل محمد ۽ ان جا قبيلا آهن. (13) بني قحطان: سڀئي بلوچ هن جو اولاد آهن ۽ هيءُ سڀني جو ڏاڏو آهي .
نبي هود عليه السلام: هيءُ نوح عليه السلام کان پهريون نبي آهي، جن جي سرزمين قحطان هئي. بعد ۾ هو مختلف علائقن ڏانهن پکڙجي ويا. سڀني بلوچن جو اتفاق آهي ته اسين عرب نسل جا آهيون. بلوچن جا چوئيتاليهه (44) قبيلا هئا، اهي چوئيتاليهه قبيلا قحطاني ۽ عدناني قبيلن جون شاخون هيون. اڳتي هلي اهي قبيلا پنهنجي اصلي نالن جي بجاءِ پنهنجن قبيلن جي نالن سان سڏجڻ لڳا، جيڪي هي آهن: (1) رند، (2) لاشاري، (3) ڪورائي، (4) هوت، (5) جتوئي .
هوت قبيلو: هوت قبيلو، حجاز (عرب) جي قبيلن مان آهي، اتان کان عمان ڏانهن هجرت ڪيائون. خليج عرب ۾ اڳ به گهڻا عرب قبيلا هجرت ڪري آيا هئا ۽ هوت به حجاز مان خليج ۾ پهتا. هوت قبيلو پنجن قبيلن مان وڏو قبيلو آهي. ڪي نسب جا ماهر چون ٿا ته هوت اصل ۾ ’هود‘ آهن. مڪران جي رياست جڏهن هوتن کان وئي ته پوءِ بليدين ان تي قبضو ڪيو (بليده ايران ۾ هڪڙي جاءِ آهي، جنهن ڏانهن هي قبيلو منسوب آهي) ۽ ٻيا قبيلا جيڪي عرب جي جزيري مان مڪران ڏانهن نڪتا هئا، اهي هي هئا: (1) حميري، (2) ڪندي، (3) ازدي، (4) نمري، (5) زيد، (6) مهري، (7) مري، (8) بر، (9) تميم، (10) زهري، (11) جمالي، (12) علافي، (13) سهمي، (14) دميني، (15) بليدي، (16) ريڊاني، (17) مغيري. هي عرب جا مشهور قبيلا چيا وڃن ٿا، جن جون شاخون ۽ پاڙا عراق، جزيرة العرب ۽ عمان ۾ آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ به موجود آهن. هن ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته مهري يا بنو مهره، يمن جي قحطاني قبيلي مان آهن ۽ يمن جو ڏاکڻيون حصو سندن رهائش آهي .
بلوچن جو ڏاڏو: (1) سليمة بن (2) مالڪ بن (3) فهم بن (4) غنم بن (5) روس بن (6) عدنان بن (7) عبدالله بن (8) زهران بن (9) ڪعبه بن (10) حارث بن (11) عبدالله بن (12) مالڪ بن (13) نصر بن (14) ازد بن (15) غوث بن (16) نبت بن (17) ملڪ بن (18) زيد بن (19) ڪملان بن (20) سبا بن (21) يشجب بن (22) يعرب بن (23) قحطان بن (24) عامر بن (25) شالخ بن (26) ارفخشذ بن (27) سام بن (28) نوح عليه السلام ابن (29) لمڪ بن (30) متو شلخ بن (31) اخنون بن (32) يرد بن (33) مهلائيل بن (34) انوش بن (35) شيش بن (36) آدم عليه السلام .
اهڙيءَ طرح نسب جي ڪتابن ۾ بلوچن جو ڏاڏو سليمة بن مالڪ بن فهم لکيل ڏٺو ويو آهي، جيڪو عرب جي جزيري مان ڪرمان ملڪ ڏانهن نڪتو هو. سليمة کان ازد تائين نسب، ياقوت بن عبدالله حموي رولي جي ڪتاب ’معجم البلدان‘ تان نقل ڪيل آهي ۽ غوث کان قحطان تائين، بلاذري جي ڪتاب فتوح البلدان مان ۽ عابد کان نوح عليه السلام تائين ”القصد ولامم في التعريف باصول انساب العرب والعجم“ تان ۽ نوح عليه السلام کان آدم عليه السلام تائين معجم البلدان کان نقل ڪيل آهي .
موجوده بلوچن جو نسب: موجوده بلوچن جو نسب هڪ اهڙي شخص تي پهچايو وڃي ٿو، جنهن جو نالو حمزه آهي. اهو حمزه ڪهڙو آهي؟ ان جي باري ۾ بلوچن جا مختلف خيال آهن. ڪن جو خيال آهي ته اهو حمزه بن عبدالمطلب قريشي آهي ۽ ٻيا چون ٿا ته اهو امير حمزه بن ابراهيم، پهلوان آهي ۽ اسان وٽ تاريخي لحاظ سان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي آهي ته اهو حمزه بن مختار ازدي آهي، ڇاڪاڻ ته بلوچ، سليمة بن مالڪ بن فهم ازدي جو اولاد آهن، جيڪو يمن مان ڪرمان ڏانهن (300 سال ق. م) پنهنجي پيءُ مالڪ کي، ڀل ۾ ماري پوءِ پنهنجن ڀائرن جي ڊپ کان ته اهي متان مون کي مارين، فارس ملڪ ڏانهن پنهنجي اولاد سميت ڀڄي ويو. سندس اولاد فارس ملڪ ۾ 800 سال رهيو. پوءِ جڏهن ايران جي بادشاهه نوشيروان بلوچن سان جنگ ڪئي، تڏهن ڪي بلوچ مڪران ۾ آيا ۽ ڪي عراق جي اڀرندي پاسي بغداد جي ويجهو (حلب ۾) رهيا. پوءِ سال 60 هه/ 679ع ۾ حضرت امام حسين بن علي رضه جي طرفداريءَ ۾ ڪربلا جي جنگ ۾ يزيد بن معاويه سان وڙهيا، پوءِ ڪي سجستان ڏانهن ويا ۽ ڪي بصري ڏانهن ويا. جيڪي بصري ۾ رهيا، انهن مان حمزة المختار بن عوف بصري سليمي به آهي، جيڪو ڪن بلوچي قبيلن جو ڏاڏو آهي، جنهن جي سندس پٽ حمزه ڏانهن نسبت جي لحاظ سان ڪنيت ابو حمزه هئي. مڪي جي ويجهو، قديد جي جنگ ۾ امويہ جي هٿان جڏهن حمزه جو پيءُ قتل ٿيو ته حمزه بن مختار ۽ سندس قبيلو مڪران ۾ اچي آباد ٿيو. مڪران جي علائقي ۾ حمزه جو اولاد بلوچ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. بلوچ ان حمزه کي پنهنجي نسب نامن ۾ ياد ڪندا آهن. جلال خان کان سليمة تائين نسب نامو هيئن ملايو ويندو آهي: (37) جلال خان بن (38) هارون بن (39) شاه عباس دوست محمد بن (40) احمد بن (41) عماره بن (42) حمزة المختار بن (43) عوف بن (44) عبدالله بن (45) يحيٰ بن (46) مازن بن (47) مخاش بن (48) سعد بن (49) صامت بن (50) مجاسر بن سليمة بن مالڪ. “


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

قومون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلوچ
قومون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون