داخلا ؛ 5571
پڙهيو ويو ؛ 2658
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2013-03-05


تصويرون


bazed-bastami.gif
بايزيد بسطامي جي درگاهه
بايزيد بسطامي جي درگاهه

data-ganj-bx.gif
داتا گنج بخش  جي درگاهه
داتا گنج بخش جي درگاهه

shahbaz-qalandr.gif
قلندر لال شهباز جي درگاهه
قلندر لال شهباز جي درگاهه

shah-inayat.gif
صوفي شاهه عنات جي درگاهه
صوفي شاهه عنات جي درگاهه

shah-latef.gif
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--تصوف

ٽائيٽل ؛ تصوف


شاخ : عام استعمال

تصوف: -تصوف- بنيادي طرح سان ڪائنات جي ايڪي جو فلسفو آهي. انهيءَ فلسفي موجب هن ڪائنات ۾ جيڪا ڪثرت آهي، سا هڪ وحدت مان ٿي آهي، يا جيڪا ڪثرت آهي، سا وحدت جا مختلف روپ آهن، جيئن لطيف سائين چيو آهي:
”وحدتا ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل“
ان ڪري -انسان- ذات جو وجود انهيءَ وحدت واري مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ آهي. اهي مقصد آهن، تمام مذهبن جو -ايڪو- (وحدت اديان)، -انسان- ذات جو -اتحاد- (اتحاد انساني)، عالمي امن (امن عالم)، آدم ذات جي -ترقي- (ترقيء بني آدم) ۽ هڪ ٻئي جو جياپو (بقاء باهمي). -تصوف- -انسان- ذات کي مٿين مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته: ”انسان ذات جو ڪم پنهنجي اصل ڏانهن رجوع ٿيڻ وارو مقصد هئڻ گهرجي، ڇو ته هر شيءَ پنهنجي اصل سان وصل اختيار ڪرڻ لاءِ دانهون پئي ڪري ۽ هي سڀ هُل هلاچو انهيءَ جو آهي:
”وڍيل ٿي وايون، ڪري، ڪٺل ٿي ڪوڪاري“
يا
”جيلانهن ٿيا نابود، تيلانهن رسيا بود کي“
جيڪا شيءَ وجود وڃائي ٿي، سا حقيقي وجود سان وڃي ملي ٿي ۽ پنهنجي حقيقت کي حاصل ڪري وٺي ٿي ۽ -انسان- ذات جيئن ته هن ڪائنات جو سڀ کان باشعور جيوَ آهي، -ان- ڪري -ان- کي انهيءَ حقيقت جو چِٽو ادراڪ هئڻ گهرجي. -ان- ڪري -تصوف- موت کي حجاب جا پردا هٽڻ قرار ڏئي ٿو.
”گهڙو ڀڳو -تان- گهوريو، پاڻان هو حجاب“
هن نظرئي ۾ دوئي گناهه آهي، ٻه ترارون هڪ مياڻ ۾ ڪونه ماپينديون آهن.
ان لاءِ ”دوئي“ کي وجود مان ڌار ڪرڻو پوندو. دوئي جيڪا ڪٿي ”خودي“، ڪٿي ”آءٌ“، ڪٿي ”مان“، ڪٿي ”ڀائڻ“، ڪٿي ”هئڻ“ آهي.
ڀاڻ ڀڃـي ڇـڏ، نـه تـه ڄـاڻ وجهـندئـي ڄـار ۾
آءٌ، اســيـن جــي چـوَن، اوڏي تِــن نـه اَڏ،
نينهن تنين سين گَڏ، ناتو جِن جو نانهـن سيـن.
---
”هئڻ ڪيا هيئن، وانجيا پس وصال کان“
---
”ڪيــئن مــائينــدا مَــن ۾، خــودي ۽ خُــدا“
---
”جنين ڀانئيو پاڻ، سي آريـاڻيون اوري رهيون“
۽ -تصوف- ۾ اصل مقصد ”هيڪڙائي“ کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسانذات لاءِ هن دنيا ۾ مختلف ڏاڪا آهن، -جن- کي ”سلوڪ“ جون منزلون چئجي ٿو.
اهو وحدت الوجود جو نظريو آهي، جيڪو مختلف مذهبن ۾ نظر اچي ٿو، انهيءَ نظرئي جو باني محي الدين -ابن العربي- هو، جڏهن -ان- جي ابتڙ ٻيو نظريو ”وحدت الشهود“ جو آهي، جنهن کي مجدد الف ثاني زور وٺايو، انهيءَ فڪري مڪتب مطابق، -انسان- ذاتي حيثِت ۾ تسخير ڪائنات ڪري سگهي ٿو ۽ جُز جي صورت ۾ ڪُل جون خوبيون پاڻ ۾ پيدا ڪري سگهي ٿو. ننڍي کنڊ ۾ شاعر علامه اقبال انهيءَ فڪر جو وڏو شارح هو:
خودي ڪو ڪر بلند اتنا ڪه هر تقدير سي پهلي،
خدا -بندي- سي خود پوڇي بتا تيري رضا ڪيا هي.
تصوف جي فلسفي جي انهن ٻنهي مڪتبن تي ناقدن -تنقيد- ڪئي آهي مثلا: ”وحدت الوجود“ جي نظرئي موجب ماڻهوءَ کي قدرت تي ڀاڙڻو پوي ٿو ۽ وحدت الشهود جو نظريو ماڻهوءَ کي ڪُل اختيار جو مالڪ بڻائي ٿو، جنهن سان طاقت ۽ سرڪشي -جنم- وٺي ٿي، جيڪا -انسان- ذات لاءِ ناڪاري سماجي روين کي -جنم- ڏئي ٿي، جهڙوڪ: فسطائيت وغيره. وحدت الشهود موجب -انسان- هن ڪائنات ۾ اشرف آهي ۽ مخصوص عقيدي موجب هو دنيا تي اختيار حاصل ڪرڻ جو حقدار آهي، انهيءَ فلسفي جي مڪتب ”ڪامل انسان“ (Superman) ۽ ”مرد مومن“ جي تصور کي -جنم- ڏنو. -ان- تصور اڳتي هلي چونڊ قومن (Selected Nations) ۽ ”چونڊ قوم“ جي حاڪميت کي -جنم- ڏنو. اهو تصور جرمن فلسفي نٽشي (Nietzsche) جو آهي، خاص ماڻهو، خاص قوم، خاص الخاص عقيدي جي بالادستي ۽ انهيءَ جي حصول لاءِ طاقت جو استعمال، انهيءَ زمري ۾ اچي وڃن ٿا.
تصوف جو لاڳاپو -انسان- ذات ۽ انساني سماج سان آهي، -تصوف- انساني سماج جي پهرئين باشعور گروهه ۾ موجود هو، -جن- وٽ راڄنيتيءَ جا سادا ۽ عام اصول هئا، -ان- ريت تصوف، شڪاري دور کان وٺي زرعي سماج کان ٿيندو جديد دنيا ۾ پهچي پنهنجو سماجي ڪارج ادا ڪري ٿو. -تصوف- تي هڪ جرمن خاتون ميڊم بلوسڪي جون تحريرون نهايت آهن، -جن- کي ”سيڪريٽ ڊاڪٽرائن“ (Secret Doctrine) سڏيو ويو آهي، جنهن ۾ خدا، ڪائنات ۽ انسانذات تي سائنسي انداز ۾ بحث ٿيل آهي، انهيءَ تحريڪ سڄي يورپ ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽين کي -جنم- ڏنو. سنڌ جي -ٿياسافيڪل سوسائٽي- به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي رهي آهي.
دنيا جي هر سماج ۾ -تصوف- ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود رهيو آهي ۽ پنهنجو ڪارج انسانذات جي -اتحاد- بابت ادا ڪندو رهيو آهي. -ان- ڪري جو تصوف، هڪ نظريو يا رويو آهي. -تصوف- کي انگريزيءَ ۾ ”پئنٿيزيم“ (Pantheism) به چئبو آهي. زندگيءَ بابت اهو رويو (Attitude) يا نظريو (Theory) دنيا جي هر مذهب ۾ موجود رهيو آهي. سناتن ڌرم ۾ ”ويدانت“، -تصوف- آهي، عيسائيت، يهوديت، ڪنفيوشس، تائومت ۽ -اسلام- ۾ اسان کي ”تصوف“، ويدانت ۽ Pantheism جو تصور ملندو. دنيا ۾ ”تصوف“ جون مختلف ڌارائون ۽ مختلف رنگ رهيا آهن. -تصوف- جو نظريو، تعصب جو رد آهي ۽ -ان- ۾ ڪائنات ۾ يڪ رنگي موجود آهي.
هر مذهب، هر قوم، هر ملڪ ۽ هر دور جي -تصوف- جو طريقي ڪار ساڳيو رهيو آهي، يعني عشق. جيڪڏهن خدا محبوب آهي ۽ -انسان- محب آهي ته يقيناً محبوب جي حاصل ڪرڻ جو طريقو محبت (عشق) ئي بڻجي سگھي ٿي. -تصوف- (Mysticism) ۾ يقين رکندڙ صوفي هوندو آهي ۽ هر صوفي دراصل عاشق هوندو آهي. عشق ۽ -تصوف- هم معنيٰ لفظ آهن. -تصوف- هر مذهب جو روح (Essence) آهي ۽ هر مذهب دراصل خدا سان (اصل سان) رابطو پيدا ڪرڻ جو ٻڌايل الهامي (ازلي، ابدي ۽ حقيقي) طريقو آهي.
تصوف دل جي نگهبانيءَ جو ٻيو نالو آهي، ڇاڪاڻ ته -انسان- بظاهر جسم ۽ نفس جو نالو آهي، پر حقيقت ۾ دل جو نالو آهي ۽ جيڪڏهن دل مائل نه ٿي ٿي سگھي ته رڪوع ۽ سجدا يا زبان سان خدا جو اقرار، سڀ بي معنيٰ آهن.
جان جان پسين پاڻ کي، -تان- تان ناهي سجود،
وڃـائـي وجـــود، تـهــان پــوءِ تـڪبيــر چـئــو.
انسان جي عقلي ۽ روحاني زندگيءَ ۾ -تصوف- جي اهميت جو اندازو -ان- ڳالهه مان ٿي سگھي ٿو ته، موجوده دور جو مشهور فلاسفر برٽريـنڊ رسل (Russell) چوي ٿو ته:
”دنيا ۾ جيترا عظيم -ترين- فلاسفر ٿي گذريا آهن، -تن- سڀني فلسفن سان گڏوگڏ -تصوف- جي ضرورت جو به اعتراف ڪيو آهي. فڪر جي دنيا ۾ انتهائي بلند مقام صرف سائنس ۽ -تصوف- جي -اتحاد- سان حاصل ٿي سگھي ٿو. بهترين انساني خوبين جو اظهار فقط -تصوف- سان ممڪن آهي.“
رُسل پنهنجي دعويٰ جي ثبوت ۾: هرقليطوس، پارمينائڊيز، -افلاطون- ۽ اسپنوزا، برونو، هيگل، برگسان ۽ وائيٽ هيڊ جا نالا ڏنا آهن، -جن- -تصوف- کي فلسفي جي اهم شاخ ۽ انساني قدرن ۽ انسانيت جي معراج جو اهم ٿنڀو سڏيو آهي.
دنيا جا اڪثر محقق اتفاق ڪن ٿا ته اپنشدَ، تصوف/ ويدانت بابت پراڻي ۾ پراڻيون تصنيفون آهن، -جن- ۾ -تصوف- جا سمورا بنيادي اصول بيان ڪيا ويا آهن. پروفيسر روائس (Royce) پنهنجي مشهور -تصنيف- ”ڪائنات ۽ فرد“ جلد پهرئين، باب چوٿين ۾ لکيو آهي ته ”صوفياڻن عقيدن جو پورو داستان اپنشندن ۾ قلمبند ڪيو ويو آهي.“ -اپنشد- جي -تعليم- جو روح ”عرفانِ حقيقت“ ]حقيقت جي معرفت = برهمه گيان[ آهي. جيڪڏهن -انسان- کي -ان- جي معرفت حاصل ٿي وڃي ته ساري ڪائنات جي معرفت حاصل ٿي ويندي.“
تصوف جو مفهوم: -تصوف- جي عالمن -تصوف- جون ڪيتريون ئي لغوي معنائون ڪيون آهن، پر -تصوف- جي اصطلاحي معنيٰ آهي نفس جو تزڪيو (پاڪائي) ۽ صفائي ته جيئن قلب جي آئيني ۾ ”يار جي رخ جو عڪس“ منعڪس ٿي سگھي:
صـوفيـن صـاف ڪــيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تـهــان پـوءِ ٿـيــو، جـيــئري پـَسڻ پريـنءَ جــو.
تصوف جو اصل بنياد هن -آيت- مان ورتل چيو وڃي ٿو:
”فَمَن کَانَ يَرجُو لِقاءَ رَبه فَليَعمَل عَمَلاً صَالِحاَ وَلاَ يشرک بِعِبادَة ربه اَحَداً“ (18: 110)
]”پوءِ جيڪو شخص پنهنجي رب سان ملاقات جو خواهشمند هجي ته -ان- تي لازمي آهي ته عمل صالح ڪري ۽ پنهنجي رب جي اطاعت ۾ ڪنهن کي شريڪ نه ڪري.“[
تصوف جي هڪ مڪتبه فڪر موجب ترڪيبي عنصر ٽي آهن: ڪامل توحيد، ڪامل -تقويٰ- ۽ ڪامل محبت.
صوفين جو چوڻ آهي روح اعليٰ مقام تي پهچي -باري- تعاليٰ سان هم ڪلام ٿئي ٿو. انهيءَ وجداني ڪيفيت جو اظهار سڀ کان پهرين بيبي رابعه بصري، ابو عبدالله محاسبي ۽ يحييٰ رازيءَ ڪيو آهي. -تصوف- جي نظريي جي اِرتقا جي آخري دؤر جو آغاز ستين صدي هجري/13هين صدي عيسويءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ وحدت الوجود جو اصطلاح چٽو ٿيو. -ان- ڏس ۾حسين -بن- منصور حِلاج اهم صوفي ٿي گذريو آهي. -ابن العربي- (678 هه/ 1280ع) پهريون شخص هو، جنهن مذهب ۽ وحدت الوجود جي اصول کي واضح ڪيو. هِن چيو ته -ابن تيميه- صحيح آهي ته ”مخلوق جو وجود عين وُجود خالق آهي.“ -تصوف- ۾ مشائخن ۽ صوفين جو سلسلو جُدا جُدا واسطن سان نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم تائين پهچايو وڃي ٿو. يورپي محققن جي خيال ۾ -تصوف- جو عقيدو يوناني فلسفي يا شامي رهبانيت مان پيدا ٿيل آهي. ڪِن وري هِن عقيدي جون پاڙون زرتشتي مذهب يا هندستان جي ويدانتي فلسفي ۾ وڃي ڳوليون آهن. البيرونيءَ ۽ دارا شڪوه، اُنهن قياس آراين ۽ قديم -تصوف- جي تصورن، -اپنشد- ۽ يوگا سُترا ۾ مشابهت جو تقابلي اڀياس (Comparative Study) ڪري، انهيءَ موضوع تي دليل ڏنا آهن؛ اُن جي برعڪس -جن- مرحلن مان گذري هاڻوڪين صوفيانه مجلسن ۾ -تصوف- جو ذڪر پُهتو آهي، اُن مان اندازو ٿئي ٿو ته -ٻڌمت- جي فڪر ۾ به -تصوف- شامل هو. اسلامي -تصوف- ۽ اُن جي مختلف فرقن ۽ شاخن جي -اشاعت- ۽ ترقي، جيتري ننڍي کنڊ ۾ ٿي آهي، اوتري شايد ئي اسلامي دنيا جي ڪنهن علائقي ۾ ٿي هجي. حالانڪ شروع ۾ سڀ صوفي بزرگ ٻاهرين مُلڪن کان هندستان ۾ آيا. سڀ کان پهرين برصغير ۾ مشهور صوفي بزرگ حضرت داتا گنج بخش تشريف فرما ٿيو. اُن دؤر ۾ -تصوف- پنهنجي -تاريخ- جي ٻئي دؤر ۾ هو. حسين -بن- منصور حلاج، ذوالنونِ مصري ۽ خواجه -بايزيد بسطامي- -تصوف- ۾ سالڪن واري گس کان هٽي ڪري مجذوبانه روايتن کي وڌايو. داتا صاحب شريعت ۽ ديني اصولن جو پابند هو. -ان- هوندي به ڪيرتي ۽ ڀڄن جي جاءِ تي قواليءَ کي متعارف ڪرائي ننڍي کنڊ جي سمورن عقيدن ۽ متن ۾ اسلامي عقيدي لاءِ احترام ۽ ادب جي گنجائش پيدا ٿي. -ان- کان پوءِ ننڍي کنڊ ۾ چشتيه سلسلو تمام گهڻو مشهور ٿيو. خواجه معين الدين چشتيءَ کان سواءِ هن سلسلي جي ٻين نالي وارن صوفي بزرگن ۾ خواجه بختيار ڪاڪي، شيخ حميد الدين ناگوري، بابا فريد گنج شڪر، خواجه نظام الدين اولياء، خواجه نصيرالدين چراغ دهلوي، خواجه علاؤالدين صابر ڪليري، خواجه بنده نواز گيسودراز، سيد اشرف جهانگير سمناني، شيخ ڪليم -الله- جهان آبادي ۽ خواجه فخرالدين جهان شامل آهن. چشتي بزرگ وحدت الوجود جا قائل آهن، -جن- جو چوڻ آهي ته ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ پنهنجو وُجود برقرار نه ٿي رکي، يعني تمام وجود خدا جو مظهر آهن ۽ هر شيءِ ۾ خدا آهي ۽ خدا هر شيءِ ۾ آهي. هن نظريي کي ”همه اوست“ به چيو ويندو آهي. -اسماعيلي- طريقي جي پير ناصر خسرو ايراني، پير شمس سبزواري ملتاني، -پير صدرالدين- ۽ پنجابي زبان جا مشهور شاعر بابا بُلهي شاهه، سلطان باهو، ماڌو لال شاهه حسين ۽ خواجه غلام فريد به وحدت الوجود جي نظريي جا قائل هئا. سنڌ ۾ قلندر شهباز، قاضي قاضن، شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست به وحدت الوجودي فڪر جا داعي آهن. چشتي ۽ فاطمي صوفين وٽ ”ڳائڻ“ (سماع) جي اجازت هوندي آهي. برصغير ۾ -تصوف- جي -اشاعت- ۽ ترقيءَ ۾ ٻيو سلسلو ”نقشبنديه“ سڏبو آهي. خواجه -بهاؤالدين- محمد شاهه نقشبندي هن سلسلي جو باني آهي، جنهن هن سلسلي جو بُنياد بايزيد بسطاميءَ جي -تعليم- تي رکيو. ننڍي کنڊ ۾ هن سلسلي کي خواجه باقي باالله ۽ اُن جي خليفي شيخ احمد مُجدد الف ثانيءَ جي ڏينهن ۾ شهرت ملي. دهليءَ ۾ شاهه ولي الله، شاهه عبدالعزيز، شاهه رفيع الدين، مرزا مظهر جان جانان، مشهور پشتو شاعر رحمان بابا ۽ پنجاب ۾ خواجه خاوند محمود لاهوري، شيخ محمد طاهر قادري، خواجه نورمحمد تيراهي ۽ غلام محي الدين قصوري هن سلسلي جا مشهور بزرگ ٿي گذريا آهن. آخري دؤر ۾ ميان شيرمحمد شرق پوريءَ جو نالو سرفهرست آهي. هن سلسلي جا صوفي بزرگ مراقبي تي تمام گهڻو زور ڏيندا هئا. راڳ جي سخت خلاف هئا. ذڪر ۾ به ذڪر خفيءَ کي -جائز- سمجهندا هئا. سهرورديه سلسلي کي ننڍي کنڊ ۾ شيخ ابو نجيب ۽ اُن جي ڀائٽي شيخ شهاب الدين سُهرورديءَ کان -ترقي- ملي. ننڍي کنڊ ۾ مخدوم نوح بکري، قاضي حميد الدين ناگوري، شيخ نورالدين مبارڪ غزنوي، سخي سرور، مخدوم جهانيان جهان گشت، سيد موج دريا، صدرالدين عارف ۽ شيخ -بهاؤالدين- ذڪريا مُلتاني، هن سلسلي جا مشهور خليفا آهن. هيءُ سلسلو ساهه کي روڪي ”الله هو“، ”الله هو“ چوڻ جي تاڪيد ڪري ٿو. هِن ۾ راڳ رنگ بجاءِ قرآن جي -تلاوت- تي زور ڏنو وڃي ٿو. ذڪر ۾ ظاهر ۽ لڪل ٻنهي کي پسند ڪن ٿا. قادريه سلسلي جو باني شيخ عبدالقادر جيلاني غوث اعظم آهي، جنهن هن سلسلي جو بنياد جُنيد بغداديءَ جي -تعليم- تي رکيو. شيخ عيسيٰ شرف الدين قتال، هن سلسلي کي ننڍي کنڊ ۾ فروغ ڏياريو. سندس اولاد مان ڪي بزرگ -بهاولپور- جي شهر اُچ شريف ۾ به پُهتا، -جن- ۾ سيد محمد غوث، پيرمانڪي شريف، پير صاحب پاڳارو، راڻيپور جا جيلاني سيد ۽ -امام بري- ذڪر جوڳا آهن. سنڌ ۾ -تصوف جي تاريخ- گهڻي آڳاٽي آهي. جيڪي بزرگ صوفي ۽ درويش -تصوف- جا ٿنڀا ڳڻيا وڃن ٿا، -تن- مان ڪي صوفي بزرگ سنڌ جا هُئا، -جن- کي اُستاديءَ جو فخر پڻ حاصل هو.
تصوف جا ٻه وڏا مڪتب -بغداد- ۾ هئا، -جن- مان هڪڙي جو روح روان ۽ اڳواڻ ابوالقاسم -جنيد بغدادي- (207- 297هه/ 822- 909ع) هو، جيڪو شيشه گر ۽ -پاٽولي- هو. پنهنجي مامي، سري سقطيءَ کان -تعليم- ورتي هئي، جيڪو معروف ڪرخيءَ جو مُريد هو. معروف ڪرخي ايراني هو ۽ -امام- علي -بن- موسيٰ رضا جي هَٿ تي -ايمان- آندو هُئائين. هن مڪتب ۾ -تصوف- ۽ طريقت جي دعوت لاءِ مسجدن کي استعمالِ ڪيو ويو ۽ روحانيت جي طالبن جا حلقا پيدا ڪري، مجاهدي ۽ رياضت سان عملي سکيا -جاري- رکي وئي. هِن مڪتب فڪر جو ٻيو فيلسوف -بايزيد بسطامي- هو، جيڪو شيخ جنيد بغداديءَ جو معاصر هو. سندس پورو نالو بايزيد طيغور -بن- عيسيٰ بسطامي هو. سندس فلسفي جوا ثر جنيد بغداديءَ تي پيو. ٽيون وڏو مڪتب نيشاپور ۾ ابونصر سراج طوسي (وفات 387 هه/ 997ع) قائم ڪيو، جنهن پاڻ -تصوف- جو پهريون ڪتاب ”اللمع“ لکيو، جنهن جي -تقليد- شيخ علي -بن- عثمان هجويري (المعروف داتا گنج بخش، وفات 465هه/1072ع)، پنهنجي -تصنيف- ”ڪشف المحجوب“ جي صورت ۾ ڪئي. اُن جي شاگردي ”طبقات صوفيه“ جي مصنف ابو عبدالرحمان سلميءَ (وفات 412هه/1021ع) ڪئي. بايزيد بسطاميءَ، جنهن جو جُنيد بغداديءَ جي نقطهء نظر تي وڏو اثر پيو، علم ۽ زهد وارو هو. بايزيد بسطاميءَ کي مادر زاد ولي ليکيو ويو آهي. سندس معتقدن ۽ شاگردن جي فهرست ۾ گهڻا -اهل- -الله- ۽ صوفي بُزرگ اچي وڃن ٿا، -جن- مان شيخ ابو موسيٰ ديبلي سنڌي، سعيد منڪوراني، سعيد راعي، خطاب طرزي، ابو موسيٰ خادم وغيره قابل ذڪر آهي. شيخ ابو نصر سراج ڪتاب ”اللمع“ ۾ بايزيد بسطاميءَ جي استادن ۽ رفيقن مان شيخ ابوعلي سنڌيءَ کي به ڳڻيو آهي.
شيخ ابوعلي سنڌي هڪ وڏو صوفي ۽ اهلِ -الله- هو، جنهن کان بايزيد بسطاميءَ پڻ -تعليم- پرائي ۽ وحدت الوجود جو سبق پرايو. اُن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌ ۾، ٻي صديءَ جي آخر ۽ ٽينءَ صديءَ جي اوائل ۾ ئي، -تصوف- عروج تي پُهچي چُڪو هو. مشرق ۾ اُها فضيلت فقط سنڌ کي ئي حاصل رهي آهي. ابو علي سنڌي، سنڌ جو پهريون صوفي بزرگ هو، جيڪو بايزيد بسطاميءَ جو وڏو رفيق هُو. ابو موسيٰ ديبلي سنڌي، سنڌ جو ٻيو صوفي هو، جو بايزيد جو شاگرد ۽ مريد هو. شيخ بايزيد بسطامي، شيخ ابوعلي سنڌيءَ کان جيڪا -توڪل- سِکي، سا وحدت الوجود واري -توحيد- هئي. اُنهيءَ عقيدي سبب عالمن طرفان تهمتون ۽ تڪليفون سٺائين. اُن بعد قادري، سُهروردي، چشتي، نقشبندي ۽ فاطمي صوفي (باطني) طريقن جو اثر سنڌ تي پيو. سهروردي سلسلو سنڌ ۾ سڀني کان پهرين آيو ۽ هِتان ئي برصغير هند ۾ پکڙيو. ستين صدي هجريءَ جي شروع ۾، مخدوم نوح بکريءَ، سنڌ ۾ سُهروردي طريقي جو بنياد وِڌو. هِن طريقي جو باني حضرت ابوحفص عُمر شهاب الدين هو، جيڪو عراق عجم جي ڳوٺڙي ’سُهرورد‘ ۾ 536هه/ 1141ع ۾ ڄائو هو؛ بعد ۾، -بغداد- ۾ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ (وفات 561هه/ 1165ع) کان روحاني فيض ورتائين. اُن بعد علم ۽ فضل ۾ ايتري ته شهرت حاصل ڪيائين، جو ننڍي کنڊ جي ڪيترن بزرگن -بغداد- پهچي، کانئس فيض حاصل ڪيو. اهڙن بزرگن مان سڀ کان اڳ اُها سعادت مخدوم نوح بکريءَ کي نصيب ٿي، جيڪو -بغداد- ۾ پُهتو ۽ شيخ شهاب الدين کان خلافت جو خرقو وٺي، وطن وريو. اُن کان گهڻو پوءِ حضرت -بهاؤالدين- ذڪريا ملتاني ۽ بابا فريد شڪرگنج به -بغداد- ۾ پهچي، کانئس فيض پرايو. سُهروردي طريقي جا خاص بنيادي نڪتا هيٺيان هُئا: خلق جي خدمت ۽ ڪنهن به شيءِ کي پنهنجو ڪري نه ڄاڻڻ. قادري سلسلي ۾، شريعت جي پيروي گهڻي ڪئي ويندي آهي. ننڍين ننڍين بدعتن کي به مڪروهه ڄاڻي -پاسو- ڪيو ويندو آهي. هن سلسلي ۾ ساز سرود ۽ راڳ -جائز- نه آهي. ذڪر خفي ۽ جلي (لڪل ۽ظاهر) ٻنهي طريقن سان صحيح آهي، پر حلقو ٻَڌي وَڏي آواز ذڪر جون چار تسبيحون پڙهيون وڃن ٿيون. هي سلسلو سنڌ ۾ جيلاني سيدن جي آمد سان شروع ٿيو. 11 ۽ 12 صدي هجريءَ ۾، هيءُ سلسلو زور هو. سلطان باهو، گهوٽڪيءَ وارن جيلاني سيدن ۽ اڳتي هلي غلام حيدر ڪٽبار هِن سلسلي کي زور وٺايو. پيرمحمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ڪري هي سلسلو سنڌ ۾ وڌيو. ڀرچونڊي شريف، امروٽ، بائيجي، هاليجي، ٿريچاڻي، -جلال- پهوڙ رتيديري، ڪوٽ -ڀٽي- ۽ -ٻير- شريف ۾ شاخون قائم ٿيون. ڏکڻ سنڌ ۾، ڪڙيي گهنور ۾، خليفي محمود نظاماڻيءَ جي قادري درگاهه زور ورتو. جنهن جا ٻه ملفوظات شريف ”توفيق الطالبين“ (مرتب: خليفو گل محمد ”گل“) ۽ ”سراج العاشقين“ (مرتب: خليفو ملوڪ چانڊيو) آهن، سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپرايا ويا آهن. 10 صدي هجريءَ ۾ ميون شاهه ڪريم، سُهروردي سلسلي سان گڏ قادري طريقت جو پڻ شيخ هو. ڀٽائي صاحب جو والد شاهه حبيب به قادري طريقي جو سيد هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي اُنهيءَ سلسلي ۾ توحيد، ذڪر سان گڏ راڳ کي به شامل ڪيو. هي عجيب امتزاج آهي. نقشبندي سلسلو، 11- 12 صدي هجريءَ ڌاري سنڌ ۾ پهتو. مخدوم ابوالقاسم درس ۽ مخدوم آدم اُن جا روح روان هئا. خواجه ابوالقاسم ٺٽويءَ جا 22 خليفا ٿيا، -جن- مان هڪ مخدوم مُعين ٺٽوي، وڏو محدث ۽ فيلسوف پڻ هو، جيڪو سندن پيرانديءَ ۾ دفن ٿيل آهي. مخدوم معين، شاهه عبداللطيف جو گهاٽو دوست ۽ معتقد هو. لنواريءَ وارا بزرگ پڻ هن سلسلي سان وابسته هئا. راڳ ۽ سرود هن سلسلي ۾ حرام سڏيو ويو آهي. جڏهن ته مخدوم معين ۽ شاهه لطيف وٽ راڳ جي اهميت هئي. -ان- حوالي سان هو ٻئي وحدت الوجودي هئا. چشتي طريقي جو باني خوا جه معين الدين چشتي اجميري هو، جنهن سمرقند ۽ علم جي تحصيل لاءِ عراق ڏانهن ويندي واٽ تي نيشاپور جي آسپاس خواجه عثمان هارونيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿي، خلافت جو خرقو ڍڪيو. خواجه صاحب، 567 هه/ 1171ع ڌاري حج جي سعادت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ملتان آيا. بعد ۾ غزني، لاهور ۽ ملتان ۾ هن سلسلي، خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي ۽ ٻين مُعتقدن ذريعي وڏي -ترقي- ڪئي. هن سلسلي ۾ سماع ۽ راڳ جو رواج عام آهي. راڳ ٻُڌڻ مهل مٿن جذب جي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي.
تصوف ۾ ٻه اصطلاح ڪتب اچن ٿا، هڪ آهي وحدت الوجود ۽ ٻيو آهي وحدت الشهود. وحدت الوجود جي وڏن شارحن ۾ -ابن العربي- جو نالو مٿانهون آهي. سندس -تصنيف- ۾ ”فتوحات مڪيه“، ”شجرة الڪون“ ۽ ”فصوص الحڪم“ سند جي حيثيت رکن ٿا. اهي ڪتاب عام فهم نه آهن. ابن اثيم، ابن جوزي ۽ ابن اثيم پارا وڏا عالم -ابن العربي- کي ملحد سڏين ٿا. مجدد الف ثاني کان سواءِ علامه اقبال جو به اهو ئي خيال هو. هي وحدت الشهود جا حامي هئا. -ان- کان پوءِ -امام- غزالي وحدت الوجود کي فلسفيانه انداز ۾ بيان ڪيو. -ان- سلسلي ۾ حضرت شهاب الدين سهروردي ۽ خواجه اجميري جهڙا عالم ۽ صوفي به سندس نظريي جا قائل هئا. غزاليءَ کان پوءِ سنائي (وفات 505هه/ 1111ع) -ان- کان پوءِ اوحد الدين ڪرماني (وفات 536هه/1141ع) ۽ خواجه فريد الدين عطار، وحدت الوجود جا شارح ۽ مبلغ رهيا آهن. حضرت عطار پنهنجي مثنوي ”منطق الطير“ ۾ وحدت الوجود واري راز کي پنهنجي شاعريءَ ۾ چٽو ظاهر ڪيو. سندس هڪ رباعيءَ جو مطلب آهي ته ”خدا تعاليٰ پاڻ کي سواءِ ٻين جي موجود هجڻ جو وهم پيدا ڪري، خوامخواه دنيا ۾ هنگامو مچائي ڇڏيو آهي. صرف ’ڪُن‘ چئي موجودات کي هستيءَ جو انداز ڏئي، خود پنهنجي هستيءَ کي گمان ۾ وجهي ڇڏيو، حالانڪه اکين ۾ به پاڻ آهي ۽ ٻاهر به پاڻ آهي، ڏسڻ وارو به پاڻ آهي ۽ ڏسڻ ۾ ايندڙ وجود به پاڻ آهي. خود پاڻ انهن ٻنهي حيثيتن جي وچ ۾، عبادت ۽ پرستش جو هڪ وهمي پردو لڙڪائي ڇڏيو اٿس“ ۽ پوءِ باقي متڪلمين سندس خيالن جي پوئواري ڪئي. متڪلمين جو خيال آهي ته عالم حادث ۽ سندس حدوث زماني آهي. يعني عالم عدم مان پيدا ٿيو آهي. ڪي صوفي محقق چون ٿا ته عالم حادث ضرور آهي، پر سندس حدوث زماني نه آهي. -ان- مان هزارين انگ ڦٽن ٿا. بحرته هڪ آهي، -ان- ۾ گوهر، مڇي ۽ موج آهي، سڀ هڪ آهي پر ٽيڏي کي ڪير سمجهائي. شاهه لطيف، روميءَ جي پيروي ڪندي چيو ته:
ٽيـڏي پسي ٽـي، پـر هـوت تـه آهـي هـڪـڙو!
تصوف جي فڪر جو نه صرف ايراني، عربي، -اردو- ۽ هندي، شاعري تي وڏو اثر پيو، پر سنڌي شاعري ته جهڙوڪر انهي فڪر جي پيداوار آهي. هڪ دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جا شاعر -تصوف- جا وڏا پرچاري هئا، -جن- ۾ قاضي قادن، مخدوم سرور نوح، شاهه ڪريم، شاهه لطف -الله- قادري، ميون شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف، سچل سرمست، سامي، مخدوم محمد زمان لنواري شريف، عبدالڪريم گرهوڙي، روحل فقير، دلپت فقير، مراد فقير جهڙن عظيم شاعرن جو فن ۽ ڪلام -تصوف- جو منبع آهي.
ڪلاسيڪي دور کان پوءِ جي شاعريءَ ۾ ديوان گل، ديوان قاسم، ديوان فاضل، ديوان گدا، ديوان سانگي، ديوان بلبل، ديوان قليچ، ديوان قادري، ديوان حامد، ديوان نجفي، ديوان واصف، ڪليات عزيز، ڪليات مسافر وغيره ۾ -تصوف- جي اپٽار ٿيل آهي. -ان- کان سواءِ بيدل بيڪس، حمل، ٻڍل فقير، اشرف شاهه، قطب شاهه، مصري شاهه، شاهه نصير، صوفي صادق، منٺار فقير، پکن ڌڻي، محمد فقير کٽياڻ، پير ڪمال شاهه، ڇتو فقير سانگي، عثمان فقير سانگي، اميد علي شاهه، اصغر علي شاهه راشدي ۽ ويجهي دور ۾ -جانڻ چن- شاعريءَ ۾ -تصوف- کي پنهنجو موضوعِ سخن بنايو آهي. هنن غزل، بيت، ڏوهيڙا، ڪافيون ۽ وايون لکيون آهن. سڀ کان صوفي رنگ جي خوبصورت، پيرائي ۾ شاعريءَ جو انداز ڀٽائيءَ وٽ ملي ٿو، جنهن -تصوف- جي نازڪ مسئلن سان سهل ۽ سهڻي -تشريح- ڪئي آهي. -ان- کان پوءِ سچل کليل نموني -تصوف- جي تشهير ڪئي آهي. -ان- کان پوءِ ساميءَ کي، لطيف ۽ سچل سرمست جي فڪري شاعريءَ جو تسلسل سمجهڻ گهرجي. -ان- به -تصوف- ۽ ويدانيت جي اوٽ ۾، مذهب ۽ ڌرم، پنڊتن ۽ ٻاون، ملن ۽ مولوين تي چوٽون ڪيون آهن. -تصوف- اسان جي ادبي ۽ فڪري ورثي طور سفر ڪندو رهي ٿو، جو جديد شاعري به -ان- فڪر جي کان آجي قرار ڏئي ڪانه سگهبي. جديد شاعرن ۾ شيخ -اياز- وٽ -تصوف- جو فلسفو موجود آهي. هن پنهنجي ڪتاب ”ڪتين ڪر موڙيا“ ۾ لکيو آهي ته ”اهو وحدت الوجود جو فلسفو آهي، جو روميءَ کان بيدل دهلويءَ ۽ شاهه لطيف کان ساميءَ تائين ڦهلايو ويو آهي. وحدت الوجود فلسفو فقط نظريو (Theory) نه آهي، -ان- جا زبردست عملي ۽ اخلاقي اشارا ۽ معنائون آهن. محترم جي. ايم. سيد به صحيح نتيجي تي پهچي سگهيو آهي ۽ لطيف جي شاعريءَ سندس رهنمائي ڪئي آهي.“
شيخ -اياز- اِن معاملي ۾ اسپنوزا ۽ شوپنهار کان متاثر هو، جيڪي سندس نظر ۾ وحدت الوجودي هئا ۽ هندي فلسفي کان متاثر هئا. -ان- ڏس ۾ شيخ اياز، اسپنوزا جا هيٺان اڻ وسرندڙ لفظ پنهنجي رهنمائيءَ لاءِ پيش ڪيا آهن:
“The greatest good is the knowledge of the union, which the mind has with the whole of nature.”
]گهڻي ۾ گهڻي چڱائي، انهيءَ وحدت الوجود جي علم ۾ آهي، جو -انسان- کي ساري فطرت سان ملائي ٿو.[
ڪـاڏي ڪـاهـيـان ڪـرهـو، چـوڏس چـِٽاڻـو،
راڻـو ئـي راڻـو، ريءَ راڻـي ٻيـو نـاهـه ڪـي. (شاهه)
ڀٽائيءَ جي -تصوف- بابت شيخ -اياز- لکيو آهي ته:
”ان ۾ شڪ نه آهي ته شاهه لطيف صوفي هو، پر صوفي رومي به هو، -بيدل دهلوي- به هو.“
سنڌي شاعريءَ ۾ جديد دور ۾ حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي شاعريءَ ۾ به -تصوف- جو رنگ غالب ملي ٿو.
فارسي ۽ اردوءَ جا ٻيا ڪيئي شاعر به هئا. -تصوف- جو اثر نه فقط هن ننڍي کنڊ جي فارسي شاعريءَ تي ٿيو آهي، پر ڪنهن حد تائين هندي شاعريءَ تي به ٿيو آهي، ۽ گورکناٿ جي پريم مارڳ تحريڪ کان وٺي ڪبير جي -ڀڳتي تحريڪ- تائين ۽ گرونانڪ جي پريم مارڳ تحريڪ تي -تصوف- جو اثر ظاهر آهي. پر ڀٽائي اِن ڏس ۾ نرالو آهي. ڀٽائيءَ جو -تصوف- سان لڳاءُ، نه فقط ظلم لاءِ نفرت، دولت ۽ اقتدار لاءِ نفرت، ۽ تعصب لاءِ نفرت جي ناڪاري وٿي پيدا ڪئي، پر -ان- جا هائوڪاري پاسا به هئا ۽ اهي هئا رنگ، نسل، قوميت ۽ مذهب جي اختلاف جي باوجود انسانيت تي -ايمان- ۽ -انسان- ذات سان محبت، پنهنجي ديس جي عوام سان الست بربڪم واري وقت کان وٺي انس ۽ ايفا جو وعدو ۽ -ان- جي دک درد، اهنج ايذاءَ سان همدردي ۽ انهن جي ڏکيءَ سکيءَ زندگيءَ ۾ بي انتها دلچسپي. اهي هائوڪاري پاسا انهيءَ نفرت جا، جيڪا هن ۾ وحدت الوجود جي فلسفي، ظلم، دولت، اقتدار ۽ تعصب لاءِ پيدا ڪئي هئي. (جر ۾ ٿو جرڪان، ص: 235)
شاهه لطيف ۽ روميءَ ۾ غير معمولي هڪجهڙائي ۽ هم آهنگي هئي. ٻئي فراخ دل، آزاد خيال ۽ -انسان- دوست هئا ۽ ٻئي ڪنهن به قوم ۽ مذهب جي متڀيد کان سواءِ سڀني کي پيارا آهن. شاهه جي ڪلام جي پيڙهه -تصوف- تي آهي. هو سڀني جوو گهڻگهرو ۽ مددگار آهي:
صـوفـي لاڪــوفــي، ڪـو نـه ڀـانئيــن ڪير،
منجهان ئي منجهه وڙهي، پڌر نه آهـس پيـر،
جـنيـن ساڻـس ويــرُ، ٿئـي تـنيــن جــو واهـرو.
پر هي اهو -تصوف- نه آهي، جيڪو صوفين کي بي عمل بنائي ڇڏيندو آهي ۽ زماني سان واسطا -ٽوڙي- ”ترڪ“ جو رستو ڏيکاريندو آهي. -اسلام- ۾ هڪ اهڙو دور به ملي ٿو، جنهن ۾ ڪيترا فلسفي، يوناني فلسفي کان متاثر ٿيا، جنهن جو لاڳاپو متحرڪ حياتيءَ کان ٽُٽي عينيت (Idealism) ۾ بدلجي ويو. اها يوناني محدود عقليت (Rationalism) هئي، جنهن جا رومي ۽ ڀٽائي مخالف هئا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -تصوف- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

تصوف - مان نڪتل ٻيون شاخون-
الهام
اثبات


عام استعمال - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باسڻ
آتڻ (اصطلاح)
ببوئي
آپريشن راهه حق
راه راست
آچار
بدنو
ٻانهن
ٻائيتال
ٻٽ (اصطلاح)
ٻٽڻ مچڻ
ٻپتڻي
ٻجھارت
ٻڌي
ٻڌي (اصطلاح)
ٻرانگهه
ٻڙهه
ٻڪ
ٻل
ٻلها ٻاڙي
ٻنڀو
ٻنون
ٻهڻي
اُکري
برقعو مٽائڻ
برني
بسط
آڌي سون
آرسڻ
آڙي ڪاپ
آڙيڪو
بقا بالله
انڌو هاٿي لشڪر جو زيان
اولمو
اوئي
ايزڪ
بلاڪ
آوي
بند (اصطلاح)
بندر
بندي
بيعت
اوڀڙ
ابدال
بالشويزم
ايجاب ۽ قبول
تڪبير
تلميح
ڀاڳيا
ڀاڳيو
ڀانگ ڀاڱ
ڀانئترو
ڀانِي
ڀانِي2
تمبولي
ڀاڻ3
تناسخ
ڀَتو 2
ڀتو 3
ڀتوارڻ:
ڀَٽَ
تنبو
تنها
توارد
ڀَڃَ ڀاڄ
ڀَڏو
ٺپو
ٺوري2
توڏي
تور 3
ٺينڍو
ٺيهو
تورڻ
تورو
ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو
ڀِڪَ
ڀِڪشُو
تر جو اٿلائڻ
ترجيحي بند
تربند
ترب
ترپ
ثواب
ٺاٺو
ٺاپي
ترقي پسند تحريڪ ۽ ادب
ترقي پسند فڪر
ترڪو
ترڪيب
تري
تڙ
ٽاپ
ٽاپرو
ٽاپي
تڙ 2
ٽاڊو واءُ
ڀَلاوڻو
ڀلو سڳورو
ڀِلي
تڙڪول


.....عام استعمال موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن